ڪراچي – 20 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته ايل آر بي ٽي اسپتال غريب ۽ وچولي طبقي جي لاءِ علاج جون زبردست سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، سر??دي و??رن ماڻهن کي ان خير جي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان گڏ ايل آر بي ٽي اسپت??ل ڪورنگي جي دوري جي موقعي تي ڪيو.