اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ا??اوتن جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ڇو ته ا??اوتن جي شعبي جي فروغ سان جتي ان شعبي سان واڳيل 40 جي لڳ ڀڳ وڏين صنعتن کي فروغ ملندو، اتي معاشي عمل تيز ٿيندو ۽ نوجوانن ۽ هنرمندن کي نوڪرين ۽ روزگار ج?? موقعا ميسر ايندا، وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته ا??اوتن جي شعبي سان لاڳاپيل صوبائي ٽيڪسز کي ممڪن حد تائين گهٽ ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي ته جيئن اڏاوتن جي شعبي کي فروغ ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڏاوتن جي شعبي جي فروغ، نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ گهرن جي تعمير خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجي ذاتي ڇت ??ي فراهمي جي حوالي سان حڪومتي منصوبي ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جو جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.