اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ته ترق??ءَ جي شرح ۾ مستقل بهتري نه اچڻ تي گهٽ آمدني وارن م??ڪن مان صرف ڇهه 2050ع تائين وچولي درجي جي آمدني وارن م??ڪن جي درجي تي پهچي سگهندا. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي گلوبل اڪنامڪ پراسپيڪٽس رپورٽ جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي. عالمي بئنڪ موجب ايندڙ 25 سال دنيا جي 26 غريب ترين م??ڪن لاءِ وچولي درجي جي آمدني تائين پهچڻ جي حوالي سان فيصلائتا ثابت ٿي سگهن ٿا، انهن م??ڪن ۾ سراسري ڏهاڙي آمدني 2.15 ڊالرن کان گهٽ آهي ۽ هي انتهائي غربت جي خاتمي جي عالمي ڪوششن جو مرڪز آهن. تڪرارن، انساني بحرانن ۽ پائيدار گهٽ ترق??ءَ سبب انهن م??ڪن ۾ اؤسر جي شرح جمود جو شڪ??ر آهي. 21هين صد??ءَ جي شروعات ۾ عالمي بئنڪ 63 م??ڪن جي گهٽ آمدني طور درجابندي ڪئي هئي، جن مان 39 ملڪ هاڻي وچولي درجي و??را آمدني و??را ملڪ بڻجي چڪا آهن، جن جي في ڪس سالياني آمدني 2023ع تائين 1145 ڊالر کان وڌيڪ هئي. باقي م??ڪن ۾ اؤسر جمود جو شڪ??ر آهي. انهن م??ڪن جي في ڪس سالياني مجموعي قومي پيداوار ۾ گذريل 15 سالن ۾ سالياني سراسري 0.1 سيڪڙو کان گهٽ شرح سان وڌي آهي. عالمي بئنڪ مطابق جيڪڏهن ترق??ءَ جي شرح ۾ مستقل بهتري نه آئي ته گهٽ آمدني وارن م??ڪن مان صرف 6 2050ع تائين وچولي درجي جي آمدني وارن م??ڪن شامل ٿي سگهندا. عالمي بئنڪ جي چيف اڪانومسٽ ۽ ترقياتي معاشيات بابت سينيئر نائب صدر اندرمت گل ٻُڌايو ته ايندڙ 25 سالن ۾ غريب ترين م??ڪن لاءِ ترقي ۽ اؤسر جو هڪ اهم موقعو آهي، عالمي برادري، ترقياتي ڀائيوارن کي به ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن ٻُڌايو ته گذريل 15 سالن ۾ انهن م??ڪن جي في ڪس آمدني ۾ عملي طور تي ڪابه واڌ نه ٿي آهي. پر اوڀر، ڏکڻ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي رڪارڊ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته ٿوري پرڏيهي مدد ۽ بهتر ملڪي پاليسي سان جنگ ۽ عدم اتحڪام جا شڪار ملڪ به پائيدار اقتصادي ترق??ءَ لاءِ حالتون پيدا ٿي سگهنديون.