اسلام آباد- 18 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ڊگهي مدي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي حصيداري جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته حڪومت زرعي، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، اقتصادي واڌ کي وڌائڻ ۽ مالياتي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سڌارن جو سلسلو جاري رکندي. اي سي سي اجلاس ??ان??وءِ ??اڻي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ملڪ جي اقتصادي منظرنامي جو جامع جائزه پيش ڪيو ۽ حڪومت طرفان اقتصادي استحڪام کي پائيدار واڌ طرف وٺي وڃڻ لاءِ ڪوششن کا?? آگاهه ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته معاشي ميدان ۾ ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي، معاشي استحڪام کي پائيدار بنيادن تي هموار ڪرڻ لاءِ دم کنيا پيا وڃن. نومبر ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جو توازن فاضل رهيو آهي ۽ گذريل 10 سالن ۾ اها شرح سڀ کا?? وڌيڪ آهي، اهڙي طرح ناڻي واڌ ۾ به نمايان اضافو ٿيو آهي، ناڻي واڌ ۾ سالياني بنيادن تي 35 سيڪڙو جي اوسر ٿي آهي. مانيٽري ڪميٽي جي اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ان اميد جو اظهار ڪيو ته هلندڙ مالي سال ۾ پرڏيهي ناڻي جو ڳاڻيٽو 35 ارب ڊالرن کا?? وڌي ويندو. گذريل مالي سال ??وران 30.2 ارب ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو ٿيو هو. ناڻي واري وزير چيو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي پرڏيهي ناڻي جو ڳاڻيٽو 9 ارب ڊالرن کا?? ٽپي ويو آهي، گذريل مالي سال ??ي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال ??وران روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي پرڏيهي ناڻي ۾ سالياني بنيادن تي 31 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. ٽيڪنالاجي جي شعبي کا?? سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، ٽيڪنالاجي جي روانگي واپار ۾ 25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. اهڙي طرح ٽيڪسٽائيل جي شعبي جو روانگي واپار وڌي رهيو آهي. هن چيو ته پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي. 16 مهينا پهرين اسان وٽ ٻن هفتن جو درآمدي ڪور هو جيڪو هاڻي اٽڪل 3 مهينن جو ٿي چڪو آهي، اميد آهي ته هن سال ??ي پڄاڻي تي اسان وٽ درآمدي ڪور ٽن مهينن جو ٿي ويندو، هي پاڪستان جي ريٽنگ جي حوالي سان اهميت رکندڙ آهي ۽ اسان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري اچي ويندي. ناڻي واري وزير چيو ته ناڻي واڌ جي صورتحال ??ه بهتر ٿي آهي، ساڍا ڇهه سال پهرين ناڻي واڌ جي شرح 5 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ هئي جيڪا نومبر ۾ 4.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، پاليسي ريٽ 13 سيڪڙو تائين گهٽجي ويو آهي، هن چيو ته صنعتن لاءِ سٺي خبر اها آهي ته ڪائيبور 12 سيڪڙو کا?? گهٽ آهي، صنعتن لاءِ ??رضن جي ڪاسٽ ۾ گهٽتائي آئي آهي. ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي سان عام ماڻهو کي فائدو پهچندو. هن چيو ته گذريل اي سي سي جي اجلاسن ۾ ان ڳالهه جو جائزو ورتو ويو هو ته عالمي سطح تي پولٽري ۽ دالين جي قيمت گهٽ آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ان جو فائدو عام ماڻهو تائين پهچي رهيو آهي. هن چيو ته ڪاروباري اعتماد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، سيمنٽ جي وڪري ۾ 5 سيڪڙو، ڀاڻ 6 سيڪڙو، آٽوز ۾ 58 سيڪڙو ۽ پيٽروليم جي وڪري ۾ 15 سيڪڙو جي واڌ ٿي آهي. اسان پراميد آهيون ته هي اڳڀرائي جو سلسلو جاري رهندو. اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته صارفين لاءِ ??يمتن جا عمومي اشاريه نومبر ۾ 4.9 سيڪڙو تائين گهٽجي ويا. اپريل 2018 ??ان??وءِ ??ي ناڻي واڌ جي سڀ کا?? گهٽ سطح ۽ ملڪ ۾ ناڻي واڌ جي رجحانن ۾ مثبت تبديلي جي علامت آهي. ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي حڪومت جي ناڻي واڌ جي دٻاءُ کي منظم ڪرڻ ۽ قيمتن جي استحڪام خاص طور تي ضروري سامان جي قيمتن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪاميابي جي عڪاس آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ضروري شين ۽ خدمتن جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. انهن شين ۾ ڪڻڪ جو اٽو، مرچ پائوڊر، ڊيزل، پيٽرول، داليون، بصر، باسمتي چانور، بجلي جو بل، کنڊ، ماني، چانهه، صابڻ، ڪڪڙ، بيضا، ٽماٽر، ٿوم، ڪاٺيون ۽ لوڻ شامل آهن. ناڻي واري وزير مهانگاني ۽ ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان لاڳاپيل عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ٻڌايو ته گذريل چئن هفتن ۾ ڪڪڙ جي قيمت 383 روپيا في ڪلو کا?? 334 روپيا في ڪلو، دال چ??ا جي قيمت 411 روپيا في ڪلو کا?? 380 روپيا في ڪلو، دال ماش 528 کا?? 508 روپيا في ڪلو ٿي وئي آهي. هن نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي ۽ صوبائي حڪومتن کي ضروري شين جي رسد جي وهڪري کي يقيني بڻائڻ ۽ ناجائز قيمتن ۾ اضافي بابت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس دوران اهو نوٽ ڪيو ويو ته جيتوڻيڪ ملڪ اقتصادي استحڪام واري دور مان گذري رهيو آهي، تنهن هوندي به ان اڳڀرائي کي برقرار رکڻ لاءِ ??ڌيڪ ڪوششون گهربل آهن، حڪومت زرعي، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، اقتصادي واڌ کي وڌائڻ ۽ مالياتي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سڌارن جوعمل جاري رکندي. اي سي سي ڊگهي مدي واري اقتصادي ترقي ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافي لاءِ سرڪاري ۽ نجي حصيدارين جي اهم ڪردار کي تسليم ڪيو. اجلاس ۾ حڪومت جي جاري سڌارن ۽ استحڪام جي قدمن کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو جن جو مقصد اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي.