اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آه?? ته سمورن مذهبن جي مذهبي ماڳن جي حفاظت اسان جو فرض آه??، اقليتون هتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آباد آه?? نه صرف هندن پر ٻين مذهبن جي م??دس ماڳن جي سارسنڀال ۽ انهن جي واڌا ويجه لاءِ ڪم ڪنداسين. اهڙو اظهار هن ڪٽاس راج مندر ۾ ٺاهيل رهائشي بلاڪس جي افتتاح جي م??قعي تي م??ڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چڪوال ۾ ڪٽاس راج مندر ۾ هندو ياترين جي رهائشي بلاڪ جي افتتاحي تقريب جي م??قعي تي ڳالهائيندي چيو ته مذهبي سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا، سمورن مذهبن جي مذهبي ماڳن جي حفاظت اسان جو فرض آه??. هن چيو ته اقليتون هتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آباد آه??، نه صرف هندن پر ٻين مذهبن جي م??دس ماڳن جي به سارسنڀال لاءِ ڪم ڪنداسين. عالمي فورم تي انڊيا ۾ مسلمانن تي ظلم خلاف آواز اُٿارينداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتون اسان جا پنهنجا ماڻهو آه??، اسان دنيا کي اقليتي برادريءَ جي حوالي سان سٺو پيغام ڏينداسين. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ حج خرچ بنگلاديش، ڀارت ۽ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ وصول ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته اسان حج پيڪيج کي م??انگو نه ٿيڻ ڏن??، ڪٽاس راج چڪوال ۾ ٻن وڏن ڪارخانن سبب روڊ رستا زبون حاليءَ جو شڪار آه??، فيڪٽري مالڪن کي پابند ڪنداسين ته اهي روڊن جي مرمت ڪرائين. چوڌري سالڪ حسين چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته وڌ کان وڌ ياترين کي ويزائون ملن، پرڏيهي وزارت کي به چونداسين ته ويزائون جاري ڪرڻ ۾ رڪاوٽون دُور ڪري.