اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ترڪيه سان جوائنٽ وينچر سميت سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، ڪاروباري برادري کي سفري سهولتن جي فراهمي سان ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي. اها ڳالهه هن ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ترڪيه ۽ ??اڪ??تان وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي هٿي ڏيڻ ۽ مختلف معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. نجڪاري وزارت مطابق ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ٻن??ي ملڪن جي دوستاڻن ناتن کي ڀائيواريءَ ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. هن ترڪيه جي سفير سان گڏيل سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالههه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه جو ترقي جو ماڊل متاثر ڪندڙ آهي ۽ ??اڪ??تان به ان ماڊل مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. عبدالعليم خان چيو ته ??اڪ??تان ۾ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ سيرپڪاري جا وسيع ۽ پُرڪشش موقعا موجود آهن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته روڊ نيٽ ورڪ بهتر بڻائڻ وڏو چئلينج آهي، شاهراهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ئي ترقي جا هدف حاصل ??ري سگهجن ٿا. وفاقي وزير چيو ته اسان جو ڪم ٻن??ي ملڪن جي ڪاروباري برادريءَ کي ويجهو آڻڻ آهي، باقي ڪم پاڻ ئي شروع ٿي ويندو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ٻن??ي ملڪن جي ڪمپنين کي ترڪيه ۽ ??اڪ??تان ۾ پُرڪشش منافعو حاصل ??رڻ جو موقعو ملڻ گهرجي. ترڪش سفير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ??اڪ??تان سان هر ممڪن سهڪار هوندو، ٻه طرفي سيڙپڪاري لاءِ قابل عمل ماڊل تي عمل ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ترڪيه ??اڪ??تان سان پنهنجن ناتن کي باقاعده ۽ اداره جاتي شڪل ڏيڻ چاهي ٿو، اسان جي گڏيل صورتحال موافق، مقصد واضح ۽ منزل هڪ آهي.