راولپنڊي-29 نومبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ڪالهه پاڪ بحريه جي آپريشنل بيس اورماڙ?? جو دؤرو ڪيو، جتي کيس دفاع ۽ موج??ده خطرن جي حوالي سان جامع آپريشنل بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب جنرل ساحر شمشاد مرزا پاڪ بحريه جي آپريشنل اثاثن خاص طور تي جهازن ۽ آبدوزن جو معائنو ڪيو ۽ سمنڊ ۾ يونٽس جي آپريشنل تيارين ۽ جنگي صلاحيتن جو جائزو ورتو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سامونڊي علائقن ۽ جهازن تي مقرر جوانن سان ملاقات دوران آپريشن تياريءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن جوانن جي همٿ اف??ائي جي تعريف ڪئي ۽ فيلڊ يونٽس کي هدايت ڪئي ته جديد هٿيارن ۽ اوزارن جي بهترين استعمال کي يقيني بنائيندي جذبي ۽ لڳن سان م??درِ ??طن جي دفاع کي يقيني بڻايو وڃي.