اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) آئين جي آرٽيڪل 191 اي (4) تحت جوڙيل ڪم??ٽيءَ جو ٽيون اجلاس جسٽس امين الدين خان جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو جنهن ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي ??ظهر ۽ رجسٽرارن شرڪت ڪئي. آئيني بينچ لاءِ ڪيس مئنجمينٽ جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪم??ٽي ڪيترن ئي اهم معاملن تي غور ڪيو. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري آفيسر جي جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سپريم ڪورٽ جي رولز 1980 جي آرڊر V رول 3 تحت التوا هيٺ ا??يل?? کي جلد اُڪلائڻ لاءِ ڪم??ٽي آفيس کي هفتي اندر ڪيسن جي درجابندي، ترتيب ڏيڻ ۽ ڪم??ٽيءَ جي هر مميبر آڏو روزانو 5 ا??يل??ن ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڌندڙ ڪم جي بار کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪم??ٽيءَ بينچ کي عدالتي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ قابل سول جج جي سفارش به ڪئي. 2023ع جي آءِ سي اي نمبر 5 (فوجي عدالتن ذريعي شهرين جي ڪيسن) جي ٻُڌڻيءَ بابت معاملي تي ڪم??ٽي نوٽ ڪيو ته جسٽس عائشه اي ملڪ، اڳوڻي بينچ جي ميمبر هئڻ جي ناتي آئيني طور تي انهن ا??يل?? لاءِ بينچ ۾ ڪم نٿي ڪري سگهي. جڏهن ته اصل آءِ سي اي جي ٻُڌڻي 7 رڪني بينچ ڪئي هئي، ان لاءِ ڪم??ٽي ان معاملي جي فوري ٻُڌڻيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جوڊيشل ڪم??شن آف پاڪستان سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اهو ڪم رجسٽرار جي حوالي ڪيو ويو ته هو جسٽس محمدعلي ??ظهر جي صلاح سان آئيني بينچ جي عمل ۽ طريقيڪار کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ قانوني مسودو تيار ڪري جنهن جو حتمي مسودو ڪم??ٽيءَ جي منظوريءَ لاءِ جائزو وٺندو. ان موقعي تي اجلاس ۾ ڪم??ٽي ڪيس جي سُڃاڻپ ۽ ٽريڪنگ کي بهتر بنائڻ جي قدمن تحت سمورن لاڳاپيل ڪيس فائلن لاءِ ”آئيني بينچ“ جي نشان واري مخصوص سائي مهر جي استعمال جي منظوري ڏني. اها تبديلي جامع رنگ ڪوڊڊ ٽيگنگ ذريعي عدالت جي آءِ ٽي تي ٻَڌل ڪيس فلو سسٽم ۾ به ظاهر ٿيندي. آئيني معاملن لاءِ آرڊر شيٽس کي به معياري بڻايو ويو هو. طريقيڪار جي وضاحت کي يقيني بڻائڻ لاءِ آرٽيڪل 191 اي تحت سمورن ڪيسن ۾ اهڙا عنوان شامل هوندا جيڪي واضح طور تي پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ سان تعلق رکندا هجن. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته اهڙا ڪيس داخل ڪندڙ ڌُريون ڪيس جي گهٽ ۾ گهٽ 7 ڪاغذي ڪتب تيار ڪري جمع ڪرائين. جلد ٻُڌڻيءَ لاءِ درخواستون ڪم??ٽي آڏو رکيون وينديون جڏهن ته فوري ڪيسن لاءِ طريقيڪار جي قاعدن کي حتمي شڪل ناهي ڏني ويندي. ڪم??ٽي ان ڳالهه جو ور??اء?? ڪيو ته سپريم ڪورٽ کي خاص طور تي آئين جي آرٽيڪل 186 اي تحت ڪيسن جي منتقلي جو اختيار حاصل آهي ۽ اهڙن معاملن جي باقائده بينچن ذريعي ٻُڌڻي ٿيندي رهندي. صرف آرٽيڪل 199 تحت اهڙا معاملا جن ۾ اهم آئيني سوالن يا قانون جا اهم مسئلا شامل آهن، آئيني بينچ کي اُماڻيا ويندا. آپريشنل ڪارڪردگي کي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم قدم طور تي ڪم??ٽي آرٽيڪل 191 اي تحت آئيني معاملي کي سنڀالڻ لاءِ هڪ برانچ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان برانچ ۾ ڪيسن جي متناسب ڪارروائيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ موزون عملو مقرر ڪيو ويندو. بعد ۾ سپريم ڪورٽ طرفان آئيني بينچ کي پهريان ئي منتقل ڪيل ڪيس منظور ٿيل روسٽر مطابق طئي ڪيا ويندا.