سرگوڌا – 07 – نومبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ سرگوڌا يونيورسٽي ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿيون آهن جنهن تحت سرگوڌا يونيورسٽي جي شاگردن کي اي پي پي ۾ انٽرن شپ ڏني ويندي جڏه?? ته ٻئي ادارا گڏجي مختلف ٽريننگ ورڪشاپس منعقد ڪندا. سرگوڌا يونيورسٽي ۾ منعقد ٿيل صحيحن وار?? تقريب ۾ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ۽ سرگوڌا يونيورسٽي جي وائيس چان??لر پروفيسر ڊاڪٽر قيصر عباس مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون.
جڏه?? ته ان موقعي تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر يونيورسٽي ۾ صحافتي قدرن جي حوالي سان هڪ سيمينار کي خطاب پڻ ڪيو جيڪو سرگوڌا يونيورسٽي جي ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ پاران منعقد ڪيو ??يو هو.
ان موقعي تي اي پي پي ايمپلائيز يونين جو صدر خضر ملڪ، اي پي پي سرگوڌا اسٽيشن جو انچارج مخدوم شاهه لطيف، ملڪ سليم اختر، راجا نديم اقبال ۽ ٻيا موجود هئا.