اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پ?? پي) شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبرشپ سان پاڪستان جي معيشت ک?? عالمي معيشت سان مربوط ڪرڻ، سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ جا موقعا دستياب ٿيندا، جنهن سان ملڪ جي مجموعي اقتصادي ترقي تي هاڪاري اثر پئجي سگهن ٿا. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو ميمبر هجڻ ۽ ان جي اجلاسن جي ميزباني ڪرڻ پاڪستان جي معيشت تي ڪيترائي مثبت اثر وجهي سگهن ٿا.ايس سي او اهم علائقائي تنظيم آهي جنهن جي ميمبر ملڪن ۾ چي??، روس، ڀارت ۽ مرڪزي ايشيائي رياستون شامل آهن، جيڪي عالمي معيشتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايس سي او جي پ??يٽ فارم تي توانائي جي شعبي م سهڪار کي هٿي وٺائي سگهجي ٿي، جي??ن ته گئس ۽ تيل جي معاهدا جن سان پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پ??رو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هنن چي?? ته ايس سي او ذريعي پاڪستان کي علائقائي رابطي جي منصوبن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ملي ٿو، جي??ن ته روڊ، ريلويز ۽ بندرگاهن جي تعمير جهڙا منصوبا واپاري اچ وڃ کي آسان بڻائي سگهن ٿا ۽ علائقائي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو.