اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح جي قيادت ۾ اعليٰ سطح جو سعود?? وفد 9 کان 11 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته وفد ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ادارن جا نمائندا شامل هوندا. هن چيو ته سعود?? وفد جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات طئي آهي، ان دوري جو مقصد ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي حصيداري کي مثبت تحرڪ ڏيڻ آهي. ترجمان چيو ته هي دورو وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ۽ ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم محمد بن سلمان جي وچ ۾ ا??ريل 2024ع ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ا??تصادي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ طئي ٿيندڙ مفاهمت کانپوءِ ??ي رهيو آهي.