ڪراچي -23 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پشتون عوام سميت پوري پاڪستاني ??وم کي پشتون ڪلچر ڊي جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته ملڪ جي وحدت کي مضبوط بڻائڻ ۾ ثقافتي روايتن کي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ وڏي اهميت لائق آهي، اڄ جو ثقافتي ڏينهن اسان کي پشتون قوم جي تاريخ، به??در?? ۽ ثابت قدمي جي ياد ڏياري ٿو. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري پشتون ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان کي پشتون روايتن کي عزت ۽ وقار سان ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ گهرج??، پشتون روايتن ۾ مهمان نوازي، وفاداري، ۽ انصاف جو اصول اسان سڀني ??اءِ باعث تحريڪ آهي، اسان کي انهن اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي ۽ ملڪ ۾ سمورن نسلي گروهن وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ ۾ نوجوانن جو ڪردار وڏي اهميت رکي ٿو، نوجوان نسل کي پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ تي فخر هئڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جا نوجوان پنهنجي ابن ڏاڏن جي ميراث کي اڳيان وڌائين ته جيئن شاندار روايتون ۽ ڀرپور ورثو زنده ره??، پاڪستان جي سمورن ثقافتن جي تحفظ لاءِ يقيني ??دم کڻنداسين، اسان کي هڪ ترقي پسند، جمهوريت پسند ۽ پرامن قوم جي تعمير لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻيون پونديون.