اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته بل??چس??ان ۾ عوام کي رياست خلاف اُڪسائڻ جي سازش ڪئي پئي ??ڃي?? پاڪستان جاگرافيائي طور تي تاريخي ۽ عظيم طاقتن جي سنگم تي واقع آهي، بل??چس??ان جو مقام تمام اهم آهي، برطانوي دؤر ۾ هي خطو وڏين طاقتن جي ??کي?? ۾ چڀندو رهيو آهي، رياست پاڪستان جو حصو هئڻ سبب بل??چس??ان ۾ سازشون هر ڀيري ناڪام ٿيون، ڪوڙن نعرن سان بل??چس??ان جي نوجوانن کي ڀڙڪائڻ وارا پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا، بل??چس??ان پاڪستان جو فخر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پاڪ چائينا فرينڊشپ سينٽر جي انتظام هيٺ ”مير ه??ار خان مري (مزاحمت کان مفاهمت تائين“ جي عنوان سان عمار مسعود جي لکيل ڪتاب جي مهورت واري تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته بل??چس??ان جي بهادر پُٽ جي زندگي کي ڪتابي شڪل ڏني وئي آهي، جنهن جي زندگي مسلسل جدوجهد سان ڀريل آهي. وفاقي وزير چيو ته بل??چس??ان جي عوام کي رياست خلاف اُڪسائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پر مير ه??ار خان مري انهن سازشن کي سمجهيو ۽ مفاهمت ۽ يڪجهتي جي را??ه تي هليو. وفاقي وزير هڪ حديث جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ امانت آهي. حديث ۾ فرمايو ويو آهي ته اوڀر ۾ اسلام جي طاقت جو اظهار ٿيندو، ان ئي سبب اسان جو ملڪ دشمنن جي ??کي?? ۾ چڀي ٿو. هن چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري کانپوءِ ڪو شڪ ناهي رهيو ته بل??چس??ان ۾ حالتون خراب ڪرڻ جو ڪير خواهشمند آهي. احسن اقبال چيو ته هن وقت ملڪ جي ٻين صوبن ۽ پنجاب جي ڀيٽ ۾ به سڀ کان وڌيڪ 130 ارب رپيا ترقياتي فنڊز بل??چس??ان ڏانهن وڃي رهيا آهن، اسان ترقيءَ لاءِ جامع قدم کڻي رهيا آهيون. احسن اقبال سوال ڪيو ته بل??چس??ان ۾ ترقيءَ لاءِ جانيون قربان ڪندڙ يا ان کي ماريندڙ بل??چس??ان جا دوست ۽ همدرد آهن؟ اهي همدرد نه پر بدامنيءَ ذريعي صوبي کي پويان رکڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ترقيءَ جو دارومدار امن امان، تعليم ۽ آسان رابطن ۾ آهي، جيڪي ماڻهو به صوبي ۾ تڪرار، تشدد ۽ مزاحمت اختيار ڪن ٿا اهي بل??چس??ان جا دوست ناهن. وفاقي وزير چيو ته عمار مسعود ڪتاب لکي هڪ اهم فرض سرانجام ڏنو آهي. هن تجويز پيش ڪئي ته ان ڪتاب جو بلوچي زبان ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي ته جيئن بلوچ نوجوانن کي حقيقتن کان آگاهه ڪري سگهجي. احسن اقبال تجويز پيش ڪئي ته سڌ سماءَ واري وزارت ان ڪتاب تي فلم ٺاهڻ لاءِ به قدم کڻي ته جيئن ماڻهن کي آگاهي فراهم ڪري سگهجي.