اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وز??راعظم، پرڏيهي وز??ر ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته مثبت سوچ ??ان ا??ان کي اڳتي وڌڻو آهي ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، مخالف ڌر به ان عمل ۾ ا??ان جو ساٿ ڏي، عددي انگ پورو ٿي و??و ته ترميمون آڻينداسين. سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ اسحاق ڊار چ??و ته خصوصي ڪميٽي پارليامينٽ جو وقار بحال ڪرڻ لاءِ جوڙي و??ي، ڪميٽي ۾ سينيٽ جي ميمبرن کي به شامل ٿيڻ گهرجي. دنيا ۾ آئيني عدالت جو نظام نئون ناهي، ملڪ ۾ آئيني عدالت جو قيام ضروري آهي، جيڪڏهن عددي انگ پورو ٿي و??و ته ترميم آڻينداسين. مثبت سوچ ??ان ا??ان کي اڳتي وڌڻو آهي ۽ هن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي. اسحاق ڊار چ??و ته ا??ان کي اصولن جي سياست کي نه ڇڏڻ گهرجي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ اڌ ڪلاڪ ۾ 22 ترميمون ٿيون هيون، جيڪي شيون ارڙهين ترميم ۾ ان وقت نه ٿي سگهيون هيون، ان کي ا??ان هاڻي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چ??و ته آئيني عدالت جو تصور نئون ناهي۽ ان جي بي پناهه پذيرائي آهي. هن چ??و ته اهڙي طرح انهن جو فيصلو آ??و ته توهان جيڪڏهن پارٽي لائن جي خلاف ووٽ ڏيندا ته اوهان جو ووٽ ڳڻيو نه ويندو ۽ اوهان ايوان جي ميمبرشپ تان به فارغ ٿي ويندا، ته اهو ڪهڙو قانون آهي، ان جي غلط تشريح ڪئي و??ي، نه ووٽ ڳڻيا ويا ۽ ممبرشپ ختم ڪئي وئي. قانون واري وفاقي وز??ر سينيٽر اعظم نذير تارڙ چ??و ته ان معاملي تي هڪ اپيل لڳل آهي، جيڪو پارٽي لائين ڪراس ڪري ان تي ريفرنس موڪلينداسين ته ان کي نااهل ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ چ??و ته 63 اي ۾ تشريح ڪريون ٿا ته جيڪو ووٽ وجهندو، اهو به ڳڻيو نه ويندو ۽ ان کي نااهل به ڪيو ويندو، ووٽ ڳڻيو ناهي وڃڻو ته سزا ڪهڙي ڳالهه جي آهي؟ سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ ان حوالي ??ان ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چ??و ته سزا تڏهن ملندي جڏهن ڪو ڏوهه هجي، فلور ڪراسنگ تي ووٽ جيڪڏهن ڳڻيو نٿو وڃي ته سزا ڪنهن جي لاءِ آهي. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چ??و ته ڪير به جيڪڏهن غلط ڪم ڪري رهيو هجي ته ان کي غلط چوڻ گهرجي. سينيٽر ايمل ولي خان چ??و ته عوامي مفاد ۾ قانونسازي پارليامينٽ جو حق آهي، ارڙهين ترميم تحت اختيار صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ گهرجن، اقتصادي ۽ پرڏيهي پاليسي به عوام جي مفاد کي نظر ۾ رکي ٺاهڻ گهرجي. مهانگا??ي، بجلي جي ڳرن بلن ۽ ٽيڪسن ۾ به گهٽتائي آڻڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. ان کان اڳ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چ??و ته اڄ جنهن مقصد لاءِ اجلاس گهرايو ويو آهي اهو هر زبان تي آهي، قانونسازي جو هن ايوان جو استحقاق آهي، هن ايوان جا ميمبر جڏهن پنهنجي ذميواري پوري ڪن ٿا ته ان تي فخر ٿئي ٿو پر قانونسازي عوامي مفاد ۾ هجڻ گهرجي.