اسلام آباد -09 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته عوام پي ٽي آءِ جو جل??و رد ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ سياسي پارٽي نه پر انتهاپسند گروپ آهي. گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي ناڪام جل??ي تي رد عمل ڏيندي وفاقي وزير چيو ته عوام پي ٽي آءِ جو جل??و رد ڪري ڇڏيو، ناڪام عوامي ميڙاڪي سبب پي ٽي آءِ اڳواڻ مايوس نظر اچي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جا پٽ برطانيه ۾ ترسيل آهن جڏهن ته ٻين جي ٻارن کي فسادن لاءِ اڪسائي رهيو آهي، ماڻهن کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ مرڪز ۾ ساڍا 3 سال ۽ ڪي پي ڪي صوبي ۾ 11 سال ضايع ڪيا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي جل??ي ۾ شرڪت ڪندڙن پوليس تي پٿراءُ ڪيو، هن چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ جي خوشحالي ۾ خوش ناهي جنهن سبب 9 مئي کي ورجائڻ چاهي ٿي، 9 مئي جي هنگامي پي ٽي آءِ جي ناڪاري ايجنڊا کي بي نقاب ڪيو. 9 مئي تي سول، سرڪاري عمارتن ۽ دفاعي ٺڪاڻن تي ڪيل حملا، سندن وحشياڻي ذهنيت کي بي نقاب ڪ??ي ڇڏيو آهي. هن چيو ته قانون تي عمل ڪرڻ سڀني جي برابر ذميواري هئڻ گهرجي ۽ اهڙن قدمن جي ذميوارن کي سخت نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير وقت ضايع ڪرڻ بدران صوبي تي ڌيان ڏئي، ڪي پي ڪي جي حڪومت جي پنه??جن وزيرن ڪرپشن ۽ ناقص گورننس خلاف ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.