اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد ا??رنگزيب چيو آهي ته ??اڪ??تان برادر ملڪ ترڪيه سان واپار، سيڙپڪاري ۽ فني سهڪار سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه ??اڪ??تان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پڪاسي سان الوداعي ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ ??اڪ??تان ۽ ترڪيه وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير ??اڪ??تان ۽ ترڪيه وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل قدمن ۽ ثقافت جي عڪاسي آهن. ناڻي واري وزير ترڪيه جي واپار واري وزير جي قيادت ۾ واپاري وفد جي تازو ??اڪ??تان جي دؤري جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته ان دؤري دوران توانائي، زراعت، بنيادي ڍانچي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نيون راهون تلاش ڪرڻ ۾ مدد ملي. ان موقعي تي ترڪيه جي سفير ??اڪ??تان ۾ قيام دوران ??اڪ??تان حڪومت طرفان فراهم ڪيل تعاون ۽ حمايت کي ساراهيو. ڌُرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ شين ۾ واپار جي گڏيل معاهدي جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفو واپار 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي هدف جي حوالي سان اهم قدم آهي. هن حڪومتي ۽ بزنس ٽو بزنس رابطن ذريعي وڌيڪ قدمن جي اهميت تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير عهدو ڇڏيندڙ سفير لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو ??اڪ??تان ۽ ترڪيه وچ ۾ پائيدار دوستي لاءِ پنهنجو ڪردار ايندڙ وقتن ۾ به جاري رکندو. هنن گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري رکڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو.