ملتان-26 آگسٽ (اي پي پي)توانائي واري وفاق?? وزير سردار اويس ??غا??ي چيو آهي ته ايندڙ هڪ سال ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي نظر ايندي. پنجاب حڪومت طرفان بجلي جي صارفين کي ڏنل 45 ارب رپين جي رليف کي شفاف انداز سان صارفين سان پهچائينداسين. اهڙو اظهار هن ميپڪو هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آءِ پي پيز سان معاملا گڏيل ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ملڪي ۽ عوامي مفادن مطابق طئي ڪيا ويندا. سردار اويس ??غا??ي جو چوڻ هو ته ڪيپسٽي ادائگين جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪري رهيا آ??يون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نجڪاريءَ کان اڳ ڊسڪوز جا معاملا ٺيڪ ڪنداسين. پري پيڊ ميٽرز لڳائڻ، صارفين جي مسئلن جي حل ۽ پنجاب حڪومت جي بجلي جي بلن ۾ ڏنل رليف کي شفاف انداز سان صارفين تائين پهچائينداسين. سردار اويس ??غا??ي چيو ته وزارت م??ن سفارش جو ڪلچر ختم ڪيو ويو آهي. ملتان ريجن ۾ 15 سيڪڙو کان وڌيڪ بجلي چوريءَ جون رپورٽون آهن، جنهن جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ انتظاميه کي فري هينڊ ڏنو ويو آهي، ان جو چوڻ هو ته اسان جو هدف آهي ته سمورن ميٽرز کي سمارٽ ميٽرز تي منتقل ڪيو وڃي جنهن جو فائدو سنگل ۽ ٿري في?? صارفين کي ٿيندو. وفاق?? وزير چيو ته بجلي صارفين جي سهولت ۽ شڪايتن تي فوري ڪارروائيءَ لاءِ هيلپ لائن جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻايو پيو وڃي، ان کان اڳ وفاق?? وزير ميپڪو جي آفيس ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس دوران هيلپ لائن نظام جي بهتري ميپڪو ڪارڪردگي ۽ پنجاب حڪومت طرفان بجلي جي صارفين کي 45 ارب رپين جي رليف کي شاندار انداز سان صارفين تائين پهچائڻ لاءِ تجويزن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.