اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اسپيشل جج سينٽرل قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ ڪروڙين رپي?? جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 3 جوابدار?? جي گرفتاري کان پوءِ واري ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت گرفتار جوابدارن ان وقت جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر محمد غواث خان، ڊپٽي ڊائريڪٽر مصور عمران ۽ چيف ڪمپيوٽر انجنيئر سعد مدثر جي گرفتاري کان پوءِ واري ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر ناليواري قانوندان سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دل??ل ڏنا ته سمورا جوابدار پروڪيورمنٽ ڪميٽي جا ميمبر هئا ۽ جعلي صح??ح?? جي ذريعي اي جي پي آر ۾ 60 چيڪ جمع ڪرايا ويا. سردار يعقوب مستوئي چ??و ته سرڪاري اداري ۾ عوامي خزاني جي 124 ملين رپي?? جي جعلسازي جي ذريعي ڌاڙو هنيو ويو آهي. اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر چ??و ته جوابدارن ڪرپش?? جي ذريعي قومي خابرو اداري کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو آهي. ڌري?? جي دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدار?? جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي. واضح رهي ته ايف بي آءِ اينٽي ڪرپشن سيل جوابدارن غواث خان، سعد مدثر ۽ مصور عمران سميت بلال ظفر (ڊپٽي ڊائريڪٽر سائبر ونگ اطلاعات واري وزارت)، ارشد مجيد چوڌري (مئنيجر اڪائونٽس)، ضياءَ الله ڀٽو (ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ پي اينڊ ڊي)، ميسرز تيجاري پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ، ميسرز نيو هوريزن، ميسرز آرٽ ٽيڪ سسٽم، ميسرز ميڊيا لنڪس جي عهديدار?? جي خلاف سيڪشن 409، 34، 420، 468، 471، PCA PPC 47 (2)5 r/w تحت ڪيس داخل ڪيو هو.