اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري ??ور?? ۽ مواصلات واري وفاقي ??زير عبدالعليم خان چيو آهي ته خساري وارن ادارن جي نجڪاري ڪري ملڪي خزاني جي بار کي گهٽ ڪرڻو آهي. اهڙو اظهار هن نجڪاري ڪميشن ??ور?? جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. جنهن ۾ وفاقي سيڪريٽري سميت ??ور?? ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ادارن جي نجڪاري بابت اهم معاملن جي منظوري ۽ ڊسڪوز، پي آءِ اي ۽ ٻين ادارن جي نجڪاري جي معاملن تي غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن نجڪاري ٿيندڙ ادارن لاءِ فنانشل ايڊوائيزرز جي مقرري ۽ ٻين فني معاملن تي اتفاق ڪيو. وفاقي ??زير، نجڪاري ڪميشن ??ور?? جي هن وقت تائين جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عالمي معيار وارن ادارن کان فنانشل ايڊوائيزرز جي ش??ول??ت سٺي ڳالهه آهي. اسان کي قومي مفاد ۾ بهتر کان بهتر ۽ ٺوس فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته قومي خزاني کي تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي، هاڻي وڌيڪ مالي دٻاءُ جي سٽ سهي نٿو سگهي، جيڪي ادارا به قاعدن ۽ ضابطن تي پورا لهن ٿا انهن کي نجڪاري جي عمل ۾ ضرور شامل ڪريو. نجڪاري ڪميشن ??ور?? ٻين معاملن کانسواءِ ??ور?? جي گذريل اجلاس جي ڪارروائي جي منظوري ڏني، ??ور?? کي نيويارڪ کان پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل جي فني معاملن ۽ مختلف امڪانن تي بريفنگ پڻ ڏني وئ??.