اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي اين ڊي ايم اي استور ۾ ٻوڏ واري صورتحال کان م??اث?? سياحن کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ فوري ايڪشن وٺي ڇڏيو ۽ ٻوڏ ريلي کان م??اث?? علائقي ۾ غيرملڪي سياحن جي محفوظ هجڻ جي رپورٽ پيش ڪئي ??ئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻه اطالوي ۽ ارجنٽينا سان تعلق رکندڙ هڪ سياح محفوظ ۽ م??اث?? علائ??ي کان پري آهن، فينه پُل جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارا حالتن جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال جي لاءِ تيار آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ??ه ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته سياحن ۽ مقامي ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي.