ڪراچي-29 جو??اءِ (اي پي پي) اسٽيٽ بئ??ڪ آف پاڪستان نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن موجب وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، وياج جي شرح 20.5 سيڪڙو کان 19.5 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. جو?? 2024ع ۾ ماهوار مهانگا??ي جي شرح ۾ گهٽتائي کانپوءِ 12.6 سيڪڙو رهي جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 32 ڪروڙ 90 لک ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. ڪالهه اسٽيٽ بئ??ڪ آف پاڪستان جي گورنر جميل احمد نيوزڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاليسي ريٽ کي 30 جو??اءِ 2024ع کان 100 بي پي ايس گهٽ ڪري 19.5 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جو?? 2024ع جي مهانگائي اميدن کان ٿوري بهتر هئي. ڪميٽي ڪاٿو لڳايو ته مالي سال 25-2024ع جي بجيٽ جي قدمن جو مهانگائي تي اثر گهڻو ڪري گذريل توقعن موجب آهي، پرڏيهي کاتو مسلسل بهتر ٿي رهيو آهي جيئن ته قرضن جي ادائيگي ۽ ٻين ذميوارين باوجود اسٽيٽ بئ??ڪ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي مان عڪاسي ٿي ٿئي. انهن حالتن ۽ ان سان نمايان طور تي مثبت حقيقي وياج جي شرح کي نظر ۾ رکندي ڪميٽي جو موقف هو ته مهانگا??ي جي دٻاءُ کي ضابطي ۾ رکندي معاشي سرگرمي ۾ هٿي ڏيڻ لاءِ پاليسي ريٽ ۾ وڌيڪ گهٽتا??ي جي گنجائش آهي. ايم پي سي پنهنجي گذريل اجلاس کان هن وقت تائين ٿيل اهم اڳڀرا??ي جو ذڪر ڪيو. مالي سال 2024ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو تيزي سان گهٽ ٿيو، اسٽيٽ بئ??ڪ جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ نمايان بهتري آئي ۽ هو 4.4 ارب ڊالرن کان بهتر ٿي آخر جو?? ۾9.0 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ٿي ويا. پاڪستان آءِ ايم ايف سان لڳ ڀڳ 7.0 ارب ڊالرن جي اي ايف ايف پروگرام لاءِ اسٽاف ليول معاهدو ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. هن چيو ته هاڻوڪي هفتن دوران تيل جي عالمي قيمتن ۾ لاها چاڙها رهيا، جڏهن ته ڌاتن ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ نرمي آئي، مهانگا??ي جو دٻاءُ گهٽ ۽ ليبر مارڪيٽ جو?? حالتون بهتر ٿيڻ سان ترقي يافته معيشتن ۾ مرڪزي بئ??ڪن به پنهنجي پاليسي ريٽس کي گهٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيٽ بئ??ڪ جي گورنر چيو ته هن اڳڀرا??ي جي بنياد تي ڪميٽي جو تجزيو هي هو ته اڄ جي فيصلي باوجود مهانگائي کي 5.7 سيڪڙو جي وچولي مدي واري هدف طرف گامزن ڪرڻ لاءِ زري پاليسي موقف ڪافي سخت آهي، هي تجزيو هدف موجب مالياتي هڪجهڙا??ي جي حاصلات ۽ ڄاڻايل پرڏيهي رقم جي آمد ۽ سڌارن ذريعي معيشت ۾ لڪل ڪمزورين کي ختم ڪرڻ سان مشروط آهي. گاڏين ۽ پيٽروليم شيون فرنس آئل کانسوءِ وڪري ۽ ڀاڻ جو استعمال جو?? ۾ وڌيل رهيو، وڏي پئماني جو?? شيون ٺاهيون ويون، مئي 2024ع دوران تيزي سان بهتري آ??ي جنهن ۾ اهم ڪردار تيار ٿيل ڪپڙن جي شعبي جو آهي، زرعي شعبو مالي سال 2024ع ۾ مستحڪم ڪارڪردگي ڏيکاري. جو?? 2024ع ۾ عمومي مهانگائي وڌي سال به سال 12.6 سيڪڙو تائين پهچي وئي، جيڪا مئي ۾ 11.8 سيڪڙو هئي.زري پاليسي ڪميٽي جي ڪاٿي موجب جيتوڻيڪ مالي سال 25ع جي بجيٽ جي مهانگا??ي جا اثر وڏي حد تائين اميدن موجب هئا، جيتوڻيڪ موجود معلومات مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن قدمن جا اثر ملڪي قيمتن تي مڪمل طور ظاهر ٿيڻ ۾ ٿورو وقت لڳي سگهي ٿو.