اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن، هن پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان سلطنت عمان جي سفير فهد ??لي??ان خلف الخروسي وز??را??ظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وز??را??ظم مسقط جي ضلعي واديءَ ڪبير ۾ امام بارگاهه علي ابن ا??وط??لب تي ٿيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ چار پاڪستاني شهرين سميت 6 ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جن مان اٽڪل سمورا پاڪستاني هئا. وز??را??ظم حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستانين جي ميتن جي وطن واپسي ۽ زخمين جي علاج جي لاءِ عمان پاران فوري قدمن ۽ پاڪستاني سفارتخاني سان تعاون کي ساراهيو. وز??را??ظم عمان کي دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي تعاون جي آڇ ڪئي. ملاقات دوران وز??را??ظم سلطان هيثم بن طارق جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو جڏهن ته سلطان سان عيدالاضحيٰ ۽ عيدالفطر جي موقعي تي ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو پڻ ذڪر ڪيو. وز??را??ظم سلطان هيثم بن طارق کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي پنهنجي اڳ ۾ ڏنل دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان ۽ عمان جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. هن پاڪستان پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم وا??ار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جي لاءِ وفد کي ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ تي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ کيس يقين ڏياريو ته لاڳاپيل عملدار گڏيل طور تي لاڀائتا نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفد کي مڪمل تعاون فراهم ڪندا. عمان جي سفير وز??را??ظم جا ٿورا مڃيا ۽ عمان جي سلطان پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پنهنجي ملڪ جي پاڪستان سان واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.