اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دانش ??سڪولز جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، مشڪل حالتن ۾ به سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ نوجوان قابل تحسين آهن. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم دانش ??سڪول جي شاگرد محمد آيان ڪاشف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، لاڳاپيل عملدار ۽ آيان ڪاشف جي والده ۽ ڏاڏيءَ پڻ موجود هئا. وزيراعظم آيان ڪاشف ۽ سندس گهرڀاتين کي انٽرميڊيئٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ لاهور ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته ڪالهه جڏهن کيس خبر پئي ته دانش ??سڪول جي شاگرد پوزيشن حاصل ڪئي آهي ته کيس تمام گهڻي خوشي ٿي. آيان ڪاشف والد جي ڇانوَ کان محروم ٿ?? ويو هو سندس ڏاڏيءَ ۽ والده سندس پرورش ۽ تعليم ۽ تربيت جي ذميواري کنئي. وزيراعظم چيو ته اهي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جيڪي مشڪل حالتن ۾ تعليم جاري رکن ٿا اهي خصوصي طور تي مبارڪباد جا مستحق آهن. وزيراعظم چيو ته اهڙا نوجوان قوم جو مستقبل ۽ روشن ستارو آهن. آيان ڪاشف وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته دانش ??سڪول شهباز شريف جو ويزن هو ۽ اڄ منهنجي ڪاميابي جو سهرو دانش ??سڪول ڏانهن وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته دانش ??سڪولز کي پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ به قائم ڪيوويندو. بلوچستان ۾ 4 دانش ??سڪول کوليا ??يا ??ڃن. گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير، اسلام آباد، ڳوٺاڻي علائقن ۾ دانش ??سڪولز کوليا ??يندا. اهي اسڪولز اسان جي لاءِ فخر جو سبب آهن. وزيراعظم چيو ته اهڙا ٻار جيڪي والد يا ??الده يا ??نهي جي ڇانوَ کان محروم يا ڪمزور مالي حالتن جي ڪري تعليم جاري نٿا رکي سگهن اهي دانش ??سڪولز ۾ تعليم جاري رکي سگهن ٿا. آيان ڪاشف وزيراعظم جي پڇڻ تي ٻڌايو ته دانش ??سڪول ۾ کيس رهائش، يونيفارم، کاڌي پيتي سميت سموريون بهترين سهولتون ميسر آهن. وزيراعظم چيو ته هو الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪري ٿو جنهن اسان کي هي اسڪول ٺاهڻ جي توفيق ڏني. مون کي اها شيءَ تمام گهڻي تڪليف ڏيندي هئي ته ايچي سن ڪاليج جهڙن تعليمي ادارن جا دروازا غريب ٻارن تي نٿا کلي سگهن ۽ انهن تعليمي ادارن ۾ رڳو امير، زميندار ۽ وڏي خاندانن جا ٻار ئي پڙهي سگهن ٿا. غريب جو ٻار اهڙي ڪاليج ۾ داخلا جو سوچي به نٿو سگهي. اتان ئي منهنجي اندر دانش ??سڪول قائم ڪرڻ جي سوچ پيدا ٿي جيڪا پوري ٿي. وزيراعظم آيان ڪاشف کي ميڊل پارائيندي چيو ته پاڪستان جي ترقي جي ڪُنجي هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين جي هٿ ۾ آهي. اسان پنهنجي نوجوانن کي مختلف فنون ۽ هنر جي تربيت ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ته جيئن انهن نوجوانن کي زراعت، صنعتن، آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ روزگار جا بهتر موقعا حاصل ٿي سگهن. وزيراعظم چيو ته صنعت ۽ حرفت ۽ زراعت جي ترقي ۽ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ باصلاحيت نوجوانن جي کيپ تيار ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. آيان ڪاشف وزيراعظم سان خواهش جو اظهار ڪيو ته دانش ??سڪولن کي يونيورسٽي تائين ترقي ڏني وڃي. وزيراعظم چيو ته هو ان سلسلي ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان ڳالهه ڪندو، اها سٺي تجويز آهي. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ دانش ??سڪول جي لاءِ زمين ۽ فنڊز مختص ڪيا ??يا آهن. بلوچستان، اڳوڻي فاٽا، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به تمام جلد دانش ??سڪول ٺهندا ته جيئن اهڙا ٻار جن وٽ وسيلا نه آهن انهن کي بهترين تعليمي سهولتون فراهم ٿي سگهن. آيان ڪاشف جي والده چيو ته هو پنهنجي ٻار جي ڪاميابي سان تمام گهڻي خوش آهي. منهنجي پٽ کي دانش ??سڪول جي ڪري تعليم جو موقعو مليو. دانش ??سڪولن جي استادن جي جيتري به تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته مون دانش ??سڪولن جي لاءِ بهترين استادن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. وڌيڪ پگهارن تي استادن جون خدمتون حاصل ڪرڻ تي احتجاج به ٿيو پر مون چيو ته غريب ٻارن کي به ايچي سن ڪاليج، لارنس ڪاليج، گرامر، ڪانونٽ ۽ وڏين فيسن وارن پرائيويٽ اسڪولن جهڙي تعليمي سهولتن واري اسڪول ۾ پڙهڻ جو حق حاصل آهي. وزيراعظم چيو ته مونکي خوشي آهي ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز منهنج?? ويزن کي اڳتي وڌائي رهي آهي. وزيراعظم آيان ڪاشف جي حوصلا افزائي جي لاءِ کيس 10 لک رپين جو چيڪ ۽ ليپ ٽاپ ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته انهي محنت، جذبي ۽ لگن سان اڳتي وڌي ۽ قوم جو معمار بڻجي.