ڪراچي -07 جو??اء?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيئرمين ايف بي آر کي پاڪستاني بندرگاهن تي ترجيحي بنيادن تي جديد ترين اسڪينرز لڳائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته ڪسٽمز عملدار، پورٽ عملدارن سان گڏجي ??ندرگاهن جي ??گهه مان مڪمل فائدو حاصل ڪرڻ ??اء?? قدمن کي يقيني بڻائين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف هيچيسن پورٽ، ڏکڻ ايشيا پاڪستان ٽرمينل جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ٽرمينل جي ??پريشنز جي ??والي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ هيچيسن پورٽ، ڏکڻ ايشيا پاڪستان ٽرمينل دنيا جي ڪجهه گهري پاڻي ۾ موجود ٽرمنيلز مان هڪ آهي، پورٽ ٽرمينل کي جديد طريقي سان هلايو پيو وڃي جنهن ۾ اڪثر آپريشنز پاڻ مرادو آهن. پورٽ ٽرمينل تي جديد ٽيڪنالاجي ۽ اسڪينرز لڳايا ويا آهن. وزيراعظم کي پورٽ ٽرمينل جي ??گهه جي ??والي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته پورٽ 35 لک ڪنٽينرز ساليانو اچ وڃ جي ??لاحيت رکي ٿو. ايف بي آر طرفان بندرگاهن تي جديد اسڪرنز لڳائڻ جو عمل حتمي مرحلي م آهي جنهن ۾ جديد اوزارن ۽ مصنوعي ذهانت جي مدد سان ڪنٽينرز جي گهٽ وقت ۾ اسڪيننگ ڪري سگهبي. وزيراعظم محمد شهباز شڙيف چيو ته پورٽ ٽرمنيل جا آپريشنز عالمي معيار جي ??ين مطابق آهن، وزيراعظم هيچيسن پورٽ، ڏکڻ ايشيا ٽرمنيل جي ??ديد آپريشنز کي ساراهيو. هن ايف بي آر جي چيئرمين کي پاڪستاني بندرگاهن تي ترجيحي بنيادن تي جديد ترين اسڪينرز لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ڪسٽمز عملدار پورٽ عملدارن سان گڏجي ??ندرگاهن جي ??گهه وڌائڻ مان مڪمل فائدو حاصل ڪرڻ ??اء?? جلد قدم يقيني بڻائين. هن چيو ته پاڪستان جي ??وانگي واپار واري صنعت جي ??رقي ??اء?? بندرگاهن جي ??رقي انتهائي ضروري آهي. ملڪي روانگي واپار جي واڌ ??اء?? حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. حڪومت خطي جي ٻين ملڪن خاص ڪري وچ ايشيائي رياستن ??اء?? مختصر ۽ موذون ترين سامونڊي راهداري فراهم ڪرڻ جي ??والي سان پاڪستاني بندرگاهن جي ??رقي ??اء?? قدم کڻي رهي آهي. وچ ايشيائي رياستن چين ۽ ٻين ملڪن جي پاڪستاني بندرگاهن ذريعي واپار سان پاڪستان هر سال اربين ڊالرن جو مٽاسٽا وارو ناڻو ڪمائي سگهندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، عطا تارڙ، ڄام ڪمال خان، قيصر احمد شيخ، احد خان چيمه، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سيد مراد علي شاهه، چيئرمين ايف بي آر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به وزيراعظم سان گڏ موجود هئا.