اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي ز??دا??ي سان وزيرا??ظم محمد شهباز ??ريف ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي ۽ مالي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي حوالي سان تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وزيرا??ظم ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پڻ موجود هئا. صدر آصف علي ز??دا??ي چيو ته بجيٽ ۾ غريب ۽ وچولي طبقن جو خاص خيال رکيو وڃي. صدر ۽ وزيرا??ظم ايندڙ بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيرا??ظم شهباز ??ريف صدر کي چين جي تازي دوري بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر وزيرا??ظم کي ملڪي ترقي ۽ معاشي هد??ن کي حاصل ڪرڻ ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.