اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اي??اني صدر سيد ابراهيم رئي??ي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي تازي دوري دوران مرحوم اي??اني صدر سيد ابراهيم رئيسي پاڪ اي??ان لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اي??اني قوم جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن مرحوم اڳواڻن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.