اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان کي هر قسم جي حالتن ۾ گڏيل عرب امارات جي حمايت جو يقين ڏياريو آهي ۽ پاڪستان ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙ??ڪا??ي جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظ?? محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي گذريل ڏينهن يو اي اي جو سرڪاري دورو ڪيو، وزيراعظم صدر سان ٻطرفي ملاقات ڪئي ۽ گڏيل عرب امارات جي سيڙ??ڪا??ن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ٻنهي اڳواڻن انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز، مصنوعي ذهانت، قابل تجديد توانائي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي اڳواڻن توانائي، ??ورٽ آپريشن پروجيڪٽس، گندي پاڻي جي صفائي، ??وڊ سيڪيورٽي، ??اجسٽڪس، معدنيات ۽ بئنڪنگ ۽ مالياتي خدمتن جي شعبن ۾ سيڙ??ڪا??ي جي تعاون جي معاهدن جي بامعنيٰ لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو جن تي نومبر 2023ع ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون. ترجمان چيو ته وزيراعظ?? محمد شهباز شريف 22 مئي تي ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، ??رڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان ۽ سندن ساٿين جي شهادت تي تعزيت جي لاءِ اسلامي جمهوريه ايران جو دورو ڪيو ۽ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي ۽ وقتي صدر محمد مخبر سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻن عوام ۽ پاڪستان حڪومت پاران تعزيت ڪئي.