اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي عرب ۽ ??اڪ??تان جا ٻطرفا لاڳاپا ۽ معاشي حصيداري و??يڪ مضبوط ٿي رهي آهي، سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سعودي وزيرن کي ??اڪ??تان جي حوالي سان خصوصي هدايتون جاري ڪيون، قيادت جي سطح تي ٿيندڙ مفاهمت کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پوري محنت سان ڪم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي عرب جي دوري جي پڄاڻي تي جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۽ ??اڪ??تان جا ٻطرفا لاڳاپا ۽ حصيداري و??يڪ مضبوط ٿي رهي آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سعودي عرب جي ڪاروباري شخصيتن جو وفد ??اڪ??تان اچي رهيو آهي. هن چيو ته سعودي عرب جي ڪاروباري شخصيتن جي وفد سان ٻنهي ملڪن ۾ معاشي حصيداري جي رفتار و??يڪ تيز ٿيندي، قيادت جي سطح تي ٿيندڙ مفاهمت کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پوري محنت سان ڪم ڪنداسين، ??اڪ??تان ۽ سعودي عرب جي معاشي حصيداري سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي آهي، ٻن مهينن دوران ??اڪ??تان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اعليٰ ??ري?? سطح تي رڪارڊ وفدن جي مٽاسٽا ٿي آهي، سعودي عرب ۾ ٽن ڏينهن جو دورو تاريخي اهميت رکندڙ آهي جنهن ۾ انتهائي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته عالمي اقتصادي فورم ۾ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون جن ۾ گهڻ رخي شعبن ۾ گڏيل تعاون واپار، سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته ورلڊ اڪنامڪ فورم تي واضح انداز ۾ بيان ڪيو ته دنيا کي پرامن بڻائڻو آهي ته غزه ۾ مستقل امن قائم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته شاندار ميزباني ۽ ??اڪ??تان سان پرخلوص محبت تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا دل سان ٿورا ادا ڪريان ٿو، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سعودي وزيرن کي ??اڪ??تان جي حوالي سان خصوصي هدايتون جاري ڪيون، ان جي لاءِ پڻ تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سعودي عرب جي وزيرن کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن قيادت جي وچ ۾ مفاهمت ??ي عملدرآمد جي لاءِ ڀرپور تياري ڪئي.