اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ جمع ڪرايل نامزگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ سردار اياز صادق، ملڪ محمد عامر ڊ??گر جا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ وٽ جمع ڪرايا ويا. نامزد اسپيڪر سردار اياز صادق جي ??جو??ز ڪندڙن ۾ چوڌري سالڪ حسين، عبدالعليم خان، سيد نويد قمر ۽ اويس احمد لغاري شامل آهن، ملڪ عامر ڊ??گر جي ??جو??ز ڪندڙن ۾ صاحبزاده صبغت الله، علي محمد ۽ ڊاڪٽر امجد علي خا?? شامل آهن، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر لاءِ سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ جنيد اڪبر جا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرايا ويا.ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نامزد اميدوار لاءِ ??جو??ز ڪندڙن ۾ محمد رضا حيات هراج ۽ اعجاز حسين جکراڻي شامل آهن، جڏهن ته جنيد اڪبر جي ??جو??ز ڪندڙن ۾ محمد ثن??ءُ الله خان مستي خيل، محمد رياض خان فتيانه ۽ مهر غلا م محمد لالي شامل آهن، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جمع پهرين مارچ تي ٿي??دي.