اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف، رمضان پئڪيج جو ڳاڻيٽو ساڍا 7 ارب رپين مان وڌائي ساڍا 12 ارب رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم رمضان ر??يف پئڪيج جو ڳاڻيٽو وڌائڻ کان علاوه ان جو دائرو به وسيع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. يوٽيليٽي اسٽورز ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان گڏوگڏ موبائيل يونٽس به سستي اگهه تي کاڌي پيتي جون ش??ون فراهم ڪندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وڌ کان وڌ غريب، مسڪين ۽ حقدار ماڻهن تائين ر??ضان ر??يف پئڪيج پهچايو وڃي، شروعاتي طور 1200 موبائيل پوائنٽس ۽ 300 مستقل پئڪيج رليف مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن. پهرين ر??ضان کان ر??ضان جي پڄاڻي تائين ر??يف پئڪيج تحت عام بازار کان گهٽ قيمت تي شيون فراهم ڪيون وينديون.طئي ڪيل هنڌن کان علاوه ٽرڪون مختلف علائقن ۾ غريب عوام کي سستيون ش??ون پهچائينديون. هنڌ جو تعين جديد ٽيڪنالاجي جي پي ايس جي مدد سان ڪيو ويندو. موبائيل ايپ جي استعمال جي رهنمائي لاءِ خصوصي ويڊيو جاري ڪيا ويندا. ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي مدد سان هلندڙ ڊيش بورڊ تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن موبائيل اٽي جي وڪري جي نگراني ٿي سگهي. موبائيل يونٽس جي هڪ ٻئي هنڌ تي منتقلي دوران اٽي جي فراهمي جو عمل جاري رکيو ويندو موبائيل ۽ لائيو فوٽيج سان اٽي جي ورهاست جي ??سل??ل نگراني ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف 7 مارچ 2024ع تي ساڍا 7 ارب رپين جي سبسڊي سان ر??ضان ر??يف پئڪيج جو اعلان ڪيو هو. 3 ڪروڙ 96 لک ڪٽنبن کي رمضان المبا??ڪ دوران سستي اگهه تي کاڌي پيتي جون ش??ون فراهم ڪيون وينديون. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت اٽو، چانور، گيهه، کنڊ، شربت، کير مارڪيٽ ريٽ کان گهٽ قيمت تي فراهم ڪيو ويندو. رمضان پئڪيج تحت حقدار ماڻهن کي بازار کان 30 سيڪڙو گهٽ قيمت تي کاڌي پيتي جون ش??ون فراهم ڪيون وينديون. اٽي تي في ڪلو 77 رپيا ۽ گيهه تي 100 رپيا في ڪلو سبسڊي ڏني ويندي.