اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غزه جي پٽيءَ ۾ نسل ڪشي ج?? ڏوهه جي روڪٿام ۽ سزا بابت انصاف جي ع??لمي ع??الت (آءِ سي ج??) ??ي فيصلي ج?? آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو هڪ بهترين فيصلو آهي، اسرائيل کي فوري طور تي غزه ۾ معصوم شهرين جي نسل ڪشي ۽ رتوڇاڻ کي روڪڻو پوندو. هن آءِ سي ج?? ??ي فيصلي کي ساراهيو جنهن ۾ اسرائيل کي غزه ۾ فلسطينين طرف نسل ڪشي ڪنوينشن تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ، نسل ڪشي ڪنوينشن جي آرٽيڪل II جي دائري ۾ ايندڙ سمورين ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ ۽ غزه ۾ فلسطينين کي فوري طور تي گهربل ”بنيادي خدمتون ۽ انساني امداد) ??ي فراهمي ج?? چيو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته ان فيصلي اسرائيل پاران ڪيل غيرانساني ڪاررواين ۽ ڏاڍ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل عورتن، ٻارن ۽ اسپتالن کي نشانو بڻائي انسانيت جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون ۽ خوراڪ جي لاءِ قطار ۾ بيٺل ماڻهن کي پڻ نه ڇڏيو. صدر عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي ٻين ادارن خاص طور تي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ته اها غزه ۾ فوري ج??گبندي ج?? لاءِ قدم کڻي ۽ اسرائيل کي فلسطين ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ کان روڪي. صدر نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين تي اسرائيل کي ج??ابده قرار ڏيڻ جي لاءِ ڏکڻ آفريقا پاران معاملو انصاف جي ع??لمي ع??الت ۾ کڻي وڃڻ جي جرئتمنداڻي موقف کي ساراهيو.