اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي ??زير جليل عباس جيلاني پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي علائقائي استحڪام جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن ايران جي افغانستان معاملن بابت خاص نمائندي حسن ڪاظمي قمي سان ملاقات ڪئي. پر??يه?? آفيس جي ترجمان موجب نگران پرڏيهي ??زير پرامن ۽ مستحڪم خطي جو ويزن حاصل ڪرڻ جي لاءِ افغانستان جي پاڙيسر?? ملڪن جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو. ان کان اڳ هن افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي خصوصي نمائندي آ??ف دراني سان افغانستان جي صورتحال ۽ امن امان ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ علائقائي عمل تي وسيع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.