اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي قاف??ي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي چ??و آهي ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ رزمڪ، اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي قاف??ي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آه?? ۽ ٻن جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪ??و آهي. هن شهيد لانس نائيڪ ??حس??ن بادشاهه ۽ شهيد لانس نائيڪ ساجد حسين جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار، شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوارن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آه??. هن چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آه??. نگران وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آه??.