اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان والاريل فلسطين جي سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جي ??سلسل ?? انڌاڌنڌ بمباري، غزه جو غيرانساني گهير??ءُ ۽ شهري هدف بشمول پناهگير ڪئمپن، اسپتالن ۽ رهائشي عمارتن تي ڄاڻي واڻي حملن هڪ ناقابل قبول انساني صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل 3 هفتن کان فلسطينين جو قتل عام جاري آهي جنهن ۾ 8 هزار کان وڌيڪ شهري مارجي ??ڪا آهن جن ۾ 70 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار آهن، اهي جنگي ڏوهه اسرائيلي قابض فوج مڪمل ڇوٽ سان ڪري رهي آهي ڇو ته عالمي برادري فلسطيني عوام جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ مسلسل ناڪام رهي آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن سينيٽ آف پاڪستان پاڪستاني عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي ۽ والاريل غزه ۾ ماڻهن جي خلاف اسرائيل جي انسانيت سوز ڏوهن جي شديد مذمت ڪئي. سينيٽ فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها والاريل فلسطين ۾ ظلمن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ??ذريل هفتي جي ??رارداد فلسطين جي صورتحال تي وڌندڙ عالمي اتفاق راءِ جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته اها غزه ۾ قتل عام جي جلد خاتمي جو سبب بڻجندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي امن قائم ڪرڻ جي ??نهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي. گڏيل قومن کي غزه جو گهير??ءُ ختم ڪرڻ، شهرين جي حفاظت ۽ غزه جي ??حصور ماڻهن جي ??اءِ بنا رڪاوٽ امدادي سامان جي ??راهمي جي ??اءِ انساني همدرديءَ جي ??نگهن ۾ سهولت فرا??م ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي.