اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) انساني حقن واري نگران وفاقي وزير خليل خارج چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشميرين لاءِ ڪارو ترين ڏينهن آهي. ڪشمير جو عوام گذريل 76 سالن کان ڀارت جي غاصباڻي قبضي ۾ آهي ۽ ان دوران لکين بيگناهه ڪشميري شهرين کي بدترين ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. ڀارت ياد رکي ته ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشميري?? جي حريت واري جذبي کي ختم نٿو ڪري سگهجي. ڪشميري?? جي جدوجهد هڪ ڏينهن آزاديءَ ج?? پيغام کڻي ايندي. ڪاري ڏينه?? جي موقعي تي جاري هڪ خصوصي پيغام ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته ڀارت طاقت جي ڏڍ تي هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي ۽ ڪشميري?? جي جدوجهد آزادي کي دٻائڻ لاءِ هر ڏينهن نوان حربا استعمال ڪري رهيو آهي. ڀارت طرفان 5 آگسٽ 2019?? جا قدم سلامتي ڪائونسل ۽ جنيوا ڪنوينش?? جي کليل خلاف ورزي آهن. هن چيو ته ڪشميرين کي خوداراديت واري حق کان محروم رکڻ انهن کي بنيادي حقن کان محروم رکڻ آهي. عالمي برادري ۽ انساني حقن وارا ادارا ڪشميرين تي ظلم خلاف ۽ کين آزادي ڏيارڻ ۾ مدد ڪن. هن چيو ته اسان ڪشميري عوا?? تي ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪشميري?? جي خوداراديت واري حق جي ڪوشش?? جي خراجِ ??قي??ت پيش ڪريون ٿا. پاڪستا?? جي حڪومت ۽ عوام ڪشميري?? جي خوداراديت واري حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري رکنداسين. مون کي اميد آهي ته انهن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.