اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ??شم??ري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي م??د جاري رکندو، ??شم??ر جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ??شم??ر جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ??شم??ر جي وزيراعظم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ??شم??رين جي لاءِ اٿاريل آواز تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ٿيندڙ ظلم کي دنيا آ??و بي نقاب ڪرڻ تي اسان ??شم??ري توهان جا ٿورائتا آهيون. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان پنهنجي ??شم??ري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هر ط??ح سان انهن سان گڏ آهي. پاڪستان پنهنجي ??شم??ري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي م??د جاري رکندو. ??شم??ر جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. هن چيو ته جيستائين ??شم??ر مسئلي جو حل گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ??ي قراردادن تحت ??شم??رين جي خواهش موجب نه ٿو ٿئي، اسان ??شم??رين جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون.