اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي ??ي) ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ آزاد ڪشمير جي ضلعي ڪوٽلي جي ڳوٺ اولي جي رهواسي 60 سالا شهري غياث جي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهادت تي پاڪستان جو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، اهو واقعو 21 آگسٽ 2023ع تي لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي نڪيال سيڪٽر ۾ پ??ش آيو. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان لائين آف ڪنٽرول تي ??من امان کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جون ڪارروايون 2003ع جي سيز فائر مفاهمت جي واضح خلاف ورزي آهن، جنهن جي فيبروري 2021ع ۾ تجديد ڪئي وئي هئي. بيان موجب ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ويو ته ڀارتي فوج کي انتهائي احتياط ڪرڻ گهرجي ڇو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ انساني وقار ۽ عالمي انساني حقن ۽ انساني قانونن جي ابتڙ آهي. ڀارت تي ??ور ڏنو ويو ته هو واقعي جي جاچ ڪري ۽ س??ز فائر مفاهمت جو احترام ڪري.