اسلام آباد_ 22 جولاءِ(اي پي پي) سڌ سماءَ واري ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا (ترميمي ) بل تي گذريل هڪ سال دوران سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪيا آهن، سمورن اسٽيڪ هولڊرز، پي ايف يو جي، پي پي اي، ايمنڊ، سي پي اين اي ۽ پي اين ايس کي آن بورڊ ورتو ويو آهي ۽ انهن کي آرا بل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، پنه??جي هڪ ٽوئٽ ۾ هن چيو ته مون کي خوشي آهي، ته قومي اسيمبلي جي ??ڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پيمرا (ترميمي) بل 2023 منظور ڪيو آهي، اهو بل خميس تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو هو، ڪميٽي ميمبرن ۽ منه??جي وچ ۾ بحث کانپوءِ ڪميٽي ان بل جي منظوري ڏني، هن چيو ته پيمرا بل کي سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي ??حيحن سان حتمي شڪل ڏني آهي، بل جي ??ياري ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي فعال شرڪت، وقت، ڪوشش ۽ قيمتي ان پٽ تي انهن جي ٿورائتي آهيان، هن چيو ته بل جو مقصد صحافين جي ??هتري سميت پاڪستان ۾ آزاد، ذميوار ۽ اخلاقيات تي مشتمل ميڊيا ماحول کي فعال ڪرڻ آهي، جيئن دنيا جي ??مهوري ملڪن ۾ آهن.??فا??ي وزير وڌيڪ چيو ته بل جي نمايان خاصيتن ۽ ان جي ??ياري لاءِ وسيع شراڪتي ۽ مشاورتي عمل جي ??فصيلن کان پريس ڪانفرنس ۾ آگاه ڪيو ويندو.