اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جديد ترين ملجم ڪلاس جنگي جهاز جي پا?? بحريه جي ٻيڙي ۾ شموليت دفاعي شع??ي ۾ پا??ڀرو ٿيڻ طرف وڏو قدم آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملجم پراجيڪٽ سان پا??ستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ نوان رستا کلندا ۽ اهو اسان جي دوستي جي پائيدار علامت ثابت ٿيندو. هن چيو ته پا??ستا?? ج?? مالياتي ۽ صنعتي بنياد ۾ ترقي سان سامونڊي واپاري سرگرميون ڪيترائي ڀيرا وڌڻ واريون آهن ۽ ان سان سامونڊي شع??ي ۾ توسيع جي لاءِ اضافي صلاحيت جي ضرورت پيدا ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پا??ستان ڪراچي کان گوادر تائين سامونڊي انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ پرعزم آهي ته جيئن خطي ۾ مستقبل جي واپاري ۽ ٽرانزٽ شپمينٽ جي مرڪز طور پا?? کي تيار ڪيو وڃي. هن چيو ته ملجم ڪلاس جهاز اسان جي سيڪيورٽي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو.