اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نش??يات ??فتي جا 7 ڏينهن 24 ڪلاڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نش??يات خيبرپختونخواهه جي سمورين علائقائي زبانن ۾ دستياب آهي، اها نش??يات سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سيٽلائيٽ ذريعي پهچ جوڳي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته اهو قدم پي ٽي وي نيشنل قائم ڪرڻ کانپوءِ خيبرپختونخواهه جي عوام جي پراڻي مطالبي جي تڪميل آهي. ان نش??يات سان مقامي مسئلن جي حل ۽ خيبرپختونخواهه جي متحرڪ ثقافت ۽ ورثي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ معلومات، تعليم ۽ انفوٽينمنٽ ??انٽينٽ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم دستياب هوندو. ان سان مقامي ميڊيا ايڪو سسٽم جي تياري ۾ پڻ مدد ملندي جيڪو مقامي ڪميونٽيز جي مفادن جي لاءِ بهتر طريقي سان خدمتون سرانجام ڏيندو.