اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) مالي سال 23 -2022ع دوران 10 بلين ٽري سونام?? پروگرام تحت 3296.7 ملين ر??پيا خرچ ڪيا ويا جڏهن ته مارچ 2023ع تائين ان پروگرام تحت مجموعي طور تي 2027.01 ملين وڻ ورهايا / لڳايا ويا آهن. مالي سال 23-2022ع جي جاري ڪيل اقتصادي سروي ۾ ??ڌا??و ويو ته موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ مارچ 2023ع ۾ نيشنل ڪلين ايئر پاليسي ٺاهي وئي ته جيئن ملڪ ۾ گدلاڻ ۾ گهٽتائي آڻيندي هوا جي به??ر معيار کي يقيني بڻائي سگهجي. ان کانسواءِ موسمياتي تبديلي بابت گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن ڪوپ – 27 نومبر 2022ع ۾ مصر ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي هڪ وفد شرڪت ڪئي. وفد ڪيترين ئي ٻين تقريبن ۾ به حصو ورتو ۽ موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ مسئلن ۽ حل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.