اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا اسان جي گڏيل عزم ۽ گڏيل تقدير جي ڏس ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پنهنجي ڀاءُ صدر طيب اردوان جي دعوت تي ان جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي ل??ءِ ترڪيه جي ل??ءِ روانو ٿي رهيو آهيان، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پارا?? کيس ان جي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندس. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا اسان جي گڏيل عزم ۽ گڏيل تقدير جي ڏس ۾ وڌيڪ گهرا ٿيندا. اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جو ايندڙ ستون اجلاس اسان جي اسٽريٽجڪ حصيداري کي اڳتي وڌائڻ جي ل??ءِ صحيح رخ جو تعين ڪندو. هن چيو ته اسا?? کي اڃا پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن جي صلاحيت مان فائدو کڻڻو آهي ۽ ان رخ ۾ ڪوششون جاري آهن.