اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بارودي ذهن ۽ دل ۾ نفرت جي باهه رکندڙ گمراهن قومي وقار، يادگارن، ايمبولينسن سان گڏوگڏ تاريخي، نا??ر ۽ ناياب ورثي ريڊيو پاڪستان پشاور کي ساڙي راک ڪري ڇڏيو، انهن ظالمن کي ڏوهن جو حساب ڏيڻو پوندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان پشاور جي سڙي ويل عمارت جي وڊيوز شيئر ڪندي چيو ته سوچيل سمجهيل، منظ?? منصوبابندي ۽ ذهن سازي تحت وطن فروشن 9 مئي تي ريڊيو پاڪستان جي عمارت کي باهه ڏئي وڏو ڏوهه ڪيو. ريڊيو پاڪستان پشاور ت??ن آزادي ۽ پاڪستان جي قيام جو تاريخي اعلان ٿيو هو. 1932ع ۾ قائم ٿيندڙ هي قديم ترين ريڊيو آهي جيڪو بنا تار لهرن جي خالق مارڪوني ان وقت ??ي سرحد جي وڏي وزير (موجوده خيبرپختونخواهه) عبدالقيوم خان جي درخواست تي تحفو ڏنو هو ۽ نصب ڪرڻ هو پاڻ لنڊن مان هتي آيو هو. هن چيو ته بارودي ذهن ۽ دل ۾ نفرت جي باهه رکندڙ گمراهن قومي وقار، يادگارن، ايمبولينسز سان گڏ تاريخ ئي ساڙي ڇڏي، نا??ر ۽ ناياب ورثو راک ڪري ڇڏيو، انهن ظالمن کي ڏوهن جو حساب ڏيڻو پوندو. گهڙي وڪرو ڪندڙ تاريخي تحفو اناءَ جي باهه ۾ ساڙي راک ڪري ڇڏيو.