اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) قومي اسيم??لي جي ميزباني ۾ پاڪستان جي آئين جي گولڊن جو??لي جي مناسبت سان عالمي آئيني ڪنوينشن 10 مئي ۽ 11 مئي تي ٿيندو. ڪنوينشن ۾ 17 کان وڌيڪ ملڪن جا اسپيڪرز، ڊپٽي اسپيڪرز، ناليوارا سياسي اڳواڻ، قانوني ماهر اسڪالرز، سول سوسائٽي، سماجي ۽ سياسي عورت ڪارڪن، نوجوان، ميڊيا جا نمائندا ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. قومي اسيم??لي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي خصوصي دعوت تي سعودي عرب جي مجلس شوريٰ جي چيئرمين جي سربراهي ۾ سعودي پارلياماني وفد شرڪت ڪندو جڏهن ته سريلنڪا، آذربائيجان، بيلجيئم، جمهوريه ڪرغزستان ۽ تاجڪستان جا پارلياماني فود شرڪت ڪندا. وڌيڪ اهو ته متحده جمهوريه تنزانيه، ڪينيا، عمان ۽ ايران جي نمائندگي انهن جي لاڳاپيل ڪميٽين جا چيئرپرسنز ڪندا. ان کانسواءِ آمريڪا ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄاوا پارليامينٽرينز پڻ ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندا. ڪنوينشن ملڪي سياسي ۽ پارلياماني اڳواڻ، سينيٽرز، پارليامينٽ ميمبرن، وفاقي وزيرن، وڏن وزيرن ۽ اهم سياستدان شرڪت ڪندا. اها تقريب اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دورانديش قيادت ۾ 10 اپريل 1973ع تي لاڳو ٿيو جي گولڊن جو??لي جي سلسلي ۾ اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي سربراهي ۾ قومي اسيم??لي جي انتظام هيٺ گذريل هڪ مهيني کان جاري رهندڙ تقريبن جي پڄاڻي تقريب آهي. آئين پاڪستان جو اهو دستاويز آهي جيڪو پاڪستان جي يڪجهتي ۽ استقامت جو مظهر آهي. ڪنوينشن جي پهرين ڏ??نه?? افتتاحي سيشن ۾ وزيراعظم، قومي اسيم??لي جو اسپيڪر، مشاورتي ڪميٽي جو ڪنوينر، غيرملڪي اسپيڪرز ۽ پارلياماني وفد شرڪت ڪندا. قومي اسيم??لي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي سربراهي ۾ پل??نر?? سيشن ٿيندو جنهن ۾ اختيارن جي ورڇ، ايگزيڪيوٽو، قانون سازي ۽ عدالتي افعال ۾ توازن جي موضوع تي تفصيلي بحث ٿيندو. بعد ۾ انهي ڏ??نه?? ٽي بريڪ آئوٽ سيشن ٿيندا. بريڪ آئوٽ سيشن ون جي صدارت قومي اسيم??لي ميمبر نفيسا شاهه ڪ??دي. ان سيشن ۾ نمائندا وفاقيت، اختيارن جي منتقلي، چئلينجز ۽ موقعن جي موضوع تي خيالن جو اظهار ڪندا. سيشن ٽو جنهن جي صدارت وزيراعظم جو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائره ڪندو، ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين ۽ نمائندگي سان لاڳاپيل مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وي??دي. ٻئي طرف رومينه خورشيد عالم، ڪنوينر ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس/ ايس اي پي ايم، جي صدارت ۾ بريڪ آئوٽ سيشن ٿيندو جنهن ۾ عالمي ذميواري ۽ موسمياتي انصاف جي لاءِ گهڻ رخي فريم ورڪ ۽ 2022ع ۾ پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ تي هڪ ڪيس اسٽڊي جي موضوعن کي بحث هيٺ آندو ويندو. پهرين ڏ??نه?? جي آخري اجلاس جي صدارت اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪندي جنهن ۾ ”ايگزيڪيوٽو، قانونسازي ۽ عدالتي ڪمن ۾ توازن، اختيارن جي عليحدگي کي يقيني بڻائڻ“ جي موضوعن تي نمائندا پنهنجي راءِ ڏيندا. ٻئي ڏ??نه??، ڪنوينشن جي شروعات پهرين ڏ??نه??جي ڪارروائي جي خلاصي سان ٿي??دي. بعد ۾ قومي اسيم??لي ميمبر محسن شاهنواز رانجها جي صدارت ۾ ”بحرانن جي دور ۾ آئين، نيويگيٽنگ چئلينجز“ جي موضوع تي پل??نر?? اجلاس ٿيندو. ان اجلاس ۾ ان ڳالهه جو جائزو ورتو ويندو ته آئين ڪهڙي طرح بحرانن جهڙوڪ وبائي مرضن، قدرتي آفتن ۽ سياسي بدامني سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهي ٿو تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وي??دي. انهي ڏ??نه?? مختلف آئيني معاملن تي هڪ ئي وقت ٽي بريڪ آئوٽ سيشن پڻ ٿيندا. بريڪ آئوٽ سيشن ون جيڪو وزيراعظم جي خاص معاون شزه فاطمه خواجه جي صدارت ۾ ٿيندو ۾ بنيادي حقن ۽ آئين جي تحفظ، لاڳو ۽ چئلينجز تي ڌيان ڏنو ويندو. بريڪ آئوٽ سيشن ٽو غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزير شازيه مري جي سربراهي ۾ ٿيندو جنهن ۾ ”آئين ۽ عدالتون، آئين جي تشريح، حقن ۽ آزادين جو تحفظ“ جي موضوع تي تفصيلي بحث ٿيندو. ٽيون بريڪ آئوٽ سيشن سيد مصطفيٰ محمود جي صدارت ۾ ٿيندو جنهن ۾ ”آئين ۽ معاشي انصاف“ جي موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وي??دي. ٻئي ڏ??نه?? جي پڄاڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ايڪسڪلوسو برابر معاشرن جي تعمير، چئلينجز ۽ موقعن جي موضوع تي ٿي??دي. ڪنوينشن کي اهم خطاب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪندو جنهن ۾ جامع برابر معاشرن جي تعمير ۾ آئين جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وي??دي. ڪنوينشن جي پڄاڻي تي پيش ڪئي ويندڙ سفارشن تي ٻڌل دستاويز جي منظوري سان پڄاڻي تي پهچندو جنهن ۾ شريڪ رياستن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪارروائي جي لاءِ رهنما رخ جوڙيا ويندا. اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف ملڪن جي اسپيڪرز، ڊپٽي اسپيڪر ۽ پارلياماني وفدن سان ملاقات ڪندو. ملاقاتن ۾ پارلياماني سطح تي تعاون کي فروغ ڏيڻ، علائقائي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پارليامينٽن جي ڪردار کي غور هيٺ آندو ويندو.