اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان مختلف ??عب?? ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند اهي، گڏيل عرب امار??ت جي سيڙپڪارن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امار??ت جي شاهي خاندان جي ميمبر ?? ابوظهبي پورٽس جي چيئرمين شي?? احمد دلموڪ المڪتوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امار??ت جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان مختلف ??عب?? خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم ابوظهبي پورٽس جي پاڪستان جي بندرگاهن ۽ شپنگ جي صنعت ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي. شي?? احمد دلموڪ المڪتوم چيو ته پاڪستان ۾ گڏيل عرب امار??ت جي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي مقصد سان سندس ٻن مهينن جي گهٽ مدي ۾ پاڪستان جي هر ٻيو دورو آهي. وزيراعظم يقين ڏياريو ته گڏيل عرب اماراتج ي سيڙپڪارن کي هر ممڪن حڪومتي تعاون فراهم ڪيو ويندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد فيصل علي سبزواري، خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. پاڪستان ۾ گڏيل عرب امار??ت جو سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي پڻ ملاقات ۾ موجود هو.