مظفر آباد -05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي، ته گذريل 75 سالن کان ڪشميري ڀائرن، ڀينرن، مائرن، ٻارن ۽ جوانن جنهن دليري ۽ جرئت ۽ بهادري سان ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جو مقابلو ڪيو، سندن عظيم قربانيون ضرور رنگ لائينديون، سمورين سياسي پارٽين جو ڪشمير مسئلي تي هڪ آواز ٿيڻ ڀارت لاءِ اثرائتو پيغام ثابت ٿيندو، ڀارت ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي ج??ل ۾ تبديل ڪري ڇڏي?? آهي، ڪشميرين کي آزادي ڏيارڻ لاءِ پاڪستان کي معاشي طور طاقتور بڻائڻو پوندو. يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سندس لاءِ اها ڳالهه فخر جوڳي آهي ته اڄ هو هن هنڌ بيٺل آهي، جنهن کي باباءِ قوم قائد اعظم محمد علي ج??اح پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم مون کي هتي اچڻ جي دعوت ڏني ته جيئن مان پنهنجا خيال پيش ڪري سگهان ۽ توهان سان ملي ڪشمير پاليسي ۾ وڌيڪ جدت ۽ قوت پيدا ڪرڻ لاءِ صلاح مشورو ڪري سگهان. هن چيو ته اڄ معاشري ۾ نفسا نفسي پيدا ٿي چڪي آهي ج??ڪا افسوسناڪ آهي، پر اڄ مظفر آباد ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين جا دانشور ۽ ميمبر جنهن اتفاق ۽ اتحاد ۽ يڪجهتي ج?? مظاهرو ڪوي آهي ان سان ڀارتي حڪومت، ڀارتي قيادت ۽ ٻيون شخصيتون ضرور پريشان ٿيون هونديون ۽ کين پريشان ٿيڻ به گهرجي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪنهن قوم ۾ اتحاد ۽ اتفاق پيدا ٿيند?? آهي، ته الله ت??ال??ٰ جي فضل و ڪرم سان ان قوم ۾ هدف حاصل ڪرڻ جي حوالي سان طاقت ۾ اضافو ٿيند?? آهي. وزيراعظم چيو ته ڪشمير ۾ وادي ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مظلوم بيگناهه ڪشميري مس??مانن جو رت وهايو پيو وڃي، پوري دنيا ان معصوم ٻار جي تصوير ڏٺي هئي، جيڪو پنهنجي ناني ج?? ڇاتي تي ويهي اداسي سان آسمان طرف ڏسي رهيو هو. گذريل 75 سالن کان لکين مس??مانن کي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو ويو، لکين شهيد ڪيا ويا، نريندر مودي آگسٽ 2019ع ۾ ڪشمير جي خصوصي حيثيت غيرقانوني طور کسي پوري وادي کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏي?? آهي. هن چيو ته ڪشميرين جنهن دليري سان مقابلو ڪي?? آهي، سندن عظيم قربانيون ضرور رنگ لائينديون. وزيراعظم چيو ته مان سمجهان ٿو ته ڪشمير مسئلي تي دنيا نٿي ڳالهائي، دنيا جي طاقتن مذهبي بنياد تي سوڊان کي ورهايو، اوڀر تيمور انڊونيشيا جو حصو هو، ان کي ڪٽي مذهبي بنيادن تي آزادي ڏياري، اهڙي طرح ??ال??ي قوتن اتر آئرلينڊ ۾ سياسي ۽ مذهبي بنيادن تي کين آزادي ڏياري، جڏهن بوسنيا جي ڳالهه ائي ته ??رق?? يافته ملڪ ان وقت تائين خاموش رهيا جيستائين هزارين انسانن جو رت نه وهيو، هزارين مائرن جون جهوليون خالي نه ٿيون، ايستائين جو اجتماعي قبرون بڻايون ويون، پر ??رق?? يافته دنيا خاموش رهي. جڏهن مظلوم مس??مانن جي رت جون نشانيون سڄي دنيا ۾ ڏيکاريون ويون تڏهن انهن جون اکيون کليون، اهڙي طرح فلسطين ۾ به ظلم جاري آهي ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ظالم ۽ مظلوم کي برقرار رکيو وڃي. قصور اه?? آهي ته ڪشميري ۽ فلسطيني مس??مان آهن. هن چيو ته گذريل 75 سالن ۾ پاڪستان جي عوام ۽ سمورين حڪومتن ڪشمير ڪاز جي ڳالهه ڪئي آهي. 1954ع ۾ نهرو لوڪ سڀا ۾ چيو هو ته اسان ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيارينداسين، پر اهي سندن ڪوڙيون ڪهاڻيون ۽ مڪروه ڌوڪو هيو. هن چيو ته ڪشميري سوال ڪري رهيا آهن ته جڏهن مٿن ظلم ٿي رهي?? آهي ته ??ال?? اسلام کي سندن ساٿ ڏيڻ گهرجي، سندن اهڙا جذبا جائز آهن. پاڪستان هڪ لمحي لاءِ به پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي وسارڻ لاءِ تيار ناهي. شهباز شريف چيو ته مظفر آباد کان وٺي آفريقا جي آخري ڪناري تائين ترسيل مس??مان جيڪڏهن اهو پختو ارادو ڪن ته اسان کي ڪشميري ۽ فلسطيني ڀائرن کي آزادي ڏيارڻي آهي ته مان الله جو قسم کڻي چوان ٿو ته الله پاڪ جي مدد سان اهي آزاد ٿي سگهن ٿا. پر ان لاءِ عملي ڪم ڪرڻو پوندو، نعرن، تقريرن، مرثين سان نه پر عملن سان ڪم ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ٻي ??ال??ي ج??گ ۾ جاپان ۽ جرمني تباهه ٿي ويا ۽ ڪروڙين ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا پر 60 سالن ۾ هنن محنت سان ڪم ڪيو ۽ اڄ پوري دنيا ۾ سندن نال?? آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت آهي، ڀارت پاڪستان طرف ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي، جيڪڏهن اسان کي ڪشميرين کي آزادي ڏيارڻي آهي ته پاڪستان کي معاشي طور طاقتور بڻائڻو پوندو. وڏيون طاقتون جمهوريت جو لباس اوڙهي ويٺل آهن پر هو ”جس ڪي لاٺي اس ڪي ڀينس“ واري پاليسي تي عمل پيرا آهن. وزيراعظم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ڪشمير لاءِ هڪ هزار سال تائين جنگ جي ڳالهه ڪئي هئي، اهڙي طرح نواز شريف 1998ع ۾ ڀارت جي پنجن ڌماڪن جي ج??اب ۾ ڇهه ڌماڪا ڪري پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو. بل ڪلنٽن نواز شريف کي 5 ارب ڊالرن جي معاونت جي آڇ ڪئي هئي، جنهن کي محمد نواز شريف ٿورا ادا ڪندي معذرت ڪئي ۽ چيو ته اسان کي پنهنجي قوم جو مقدر پاڪستان جو اعليٰ مقصد عزيز آهي. فيبروري 1999ع ۾ واجپائي دورو ڪيو، جنهن بعد لاهور معاهدو ٿيو ۽ واجپائيءَ نواز شريف سان واعدو ڪيو هو ته هڪ سال ۾ ڪشمير مسئلو طئي ٿي ويندو، باقي تاريخ گواه آهي ته کٽمنڊو ۾ ڇا ٿيو هو اهو سڀني کي ياد آهي. اسان کي ماضي مان سبق سکي اڳتي وڌڻو پوندو، انشاءَ الله ڪشمير ضرور آزاد ٿيندو ۽ سيد علي گيلاني ج?? روح کي سڪون ملندو. وزيراعظم چيو ته ياسين ملڪ تهاڙ جيل ۾ اذيتون برداشت ڪري رهي?? آهي، آسيه اندرابي سان ظلم ٿي رهي?? آهي، اهڙي قسم جا لکين مثال موجود آهن، جنهن جو ذڪر ڪشمير جي هر گهر ۾ ٿي رهي?? آهي. اڄ هن اسيمبلي ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي ج?? مظاهرو ٿي?? آهي ان جا ڪرڻا پري پري تائين پکڙبا. وزيراعظم چيو ته معاشي چئلينجن باوجود آزاد ڪشمير اسيمبلي ج?? اسپيڪر ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم طرفان اٿاريل مطالبن جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان آي?? آهي ۽ هڪ هڪ سبسڊي ج?? جائزو وٺي رهيا آهن. اسان کي زنده رهڻ?? آهي، اهڙي طرح زنده رهڻ?? آهي ج??ڙي ريت زنده قومون رهنديون آهن. قوم کي اتفاق ۽ اتحاد ۽ عزم سان معاشي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻو پوندو.