اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ بر??ان??ا جي وچ ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي ل??ءِ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نئين موقعن ۽ مندين جي ڳولا، مصنوعات ۽ خدمتن کي سگهارو بڻ??ئڻ ۽ ملڪ ۾ اقتصادي ۽ سياسي استحڪام کي يقيني بڻ??ئي ٻطرفي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ بر??ان??ا پاران واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ سان ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻ??ئڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ بر??ان??ا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر سان هتي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي 2021ع ۾ 3.1 ارب پائونڊ جي سطح کان مختصر عرصي ۾ 10 ارب ڊالر ساليانو تائين وٺي وڃي سگهجي ٿو. هن چيو ته ٻطرفي معاشي ل??ڳاپن ۾ اضافي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ مستقبل ۾ ترقي جي شرح کي برقرار رکي سگهبو. صدر چيو ته بر??ان??ا جي اسرندڙ ملڪن جي ل??ءِ واپاري اسڪيم پاڪستان کي ٽيرف ۾ گهٽتائي ۽ آسان شرطون فراهم ڪندي، واپاري اسڪيم سان پاڪستان مان بر??ان??ا کي 94 سيڪڙو کان وڌيڪ شين جي ڊيوٽي فري برآمد ممڪن ٿي سگهندي. صدر بر??ان??ا جي اسرندڙ ملڪن جي ل??ءِ واپاري اسڪيم ۾ پاڪستان جي شموليت کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آزاد واپاري معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي ل??ءِ اڳڀرائي تيز ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته 120 بر??ان??ي ڪمپنيون پاڪستان ۾ اٽڪل 10 ارب ڊالر جي مجموعي سيڙپڪاري سان ڪم ڪري رهيون آهن. صدر چيو ته مالي سال 21 – 2020ع ۾ ايف ڊي آئي ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو 117 ملين ڊالر کان وڌي 143 ملين ڊالر تائين پهچي ويو. صدر مختلف شعبن ۾ لاڳاپا اڳتي وڌائڻ جي ل??ءِ 10 سالا روڊ ميپ تيار ڪري ٻطرفي پارٽنرشپ بهتر بڻ??ئڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ بر??ان??ا جي وچ ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون ۽ دهشتگردي جي اتمي ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملاقات دوران صدر پاڪستاني شاگردن جي ذهانت کي وڌائڻ ۽ ملڪ جي تعليمي نظام کي بهتر بڻ??ئڻ جي ل??ءِ بر??ان??ا ۾ اعليٰ تعليم يافته ۽ باعلم پاڪستانين کي شامل ڪرڻ ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان جي ذريعي انهن جي علم، مهارت کي منتقل ڪرڻ جي ل??ءِ هڪ نظام ٺاهڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن فيڪلٽي جي مٽاسٽا ۽ آءِ ٽي سمت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهم شعبن ۾ تعاون جي ل??ءِ ٻنهي يونيورسٽين سان بر??ان??ا جي اعليٰ تعليمي ادارن جي وچ ۾ رابطا پيدا ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿيا، عالمي برادري کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي، عالمي برادري کي موسمياتي تبديلين جي خطرن ۾ ورتل ملڪن ۾ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ مدد ڪرڻ گهرجي. بر??ان??ي هاءِ ڪمشنر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان پنهنجي انگريزي ڳالهائيندڙ افرادي قوت ۽ وچ اوڀر سان ويجهڙائي جي ڪري بر??ان??ي ڪمپنين پاران سيڙپڪاري جي ل??ءِ موزون ملڪ آهي. هن چيو ته معاشي ۽ سياسي استحڪام ۽ پائيدار پاليسين سان پاڪستان ۾ بر??ان??ا پاران سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ وڌيڪ مدد ملندي.