اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي سطح تي هڪ ٺوس، موثر ۽ معي??ري ذهني ۽ نفسياتي صحت جي هيلپ لائين قائم ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ذهني صحت ۽ ڀلائي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي هڪ ٺوس ۽ هڪ جهڙو موقف اختيار ڪر?? گهرجي جنهن ۾ سرڪ??ري ۽ نجي شعبن جي حصيد??ري ضروري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ذهني ۽ نفسياتي صحت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت جي عالمي اداري، نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس، پاڪستان سائيڪولوجيڪل ايسوسيئيشن، پاڪستان سائيڪاٽرڪ سوسائٽي سميت ٻين تنظيمن جي نمائندن کانسواءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته دماغي صحت ۽ تندرستي بابت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ۽ نجي شعبي ۾ قدم کنيا ويا آهن، سمورن وسيلن ۽ قدمن کي هڪ قومي هيلپ لائين ٺاهڻ ۾ شامل ڪر?? گهرجي. صدر چيو ته دماغي صحت فراهم ڪندڙ ادارن ۽ پروفيشنلز جي ڊيٽابيس ٺاهي وڃي، پاڪستانين جي ذهني ۽ نفسياتي صحت تي سرڪ??ري ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ حصيد??ري جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پهرين قو??ي ذهني صحت جي هيلپ لائين قائم ڪر?? ۽ شروع ڪر?? جي لاءِ 45 ملين رپين جي مالي ضرورت کي پورو ڪر?? جي لاءِ سرڪ??ري ۽ نجي شعبن ۾ نوان رستا ڳوليا وڃن، هيلپ لائين قائم ڪر?? ۽ فعال ٿيڻ کانپوءِ مڪمل طور تي ٺوس آگاهي مهم هلائڻ گهرجي. صدر قو??ي ذهني صحت جي هيلپ لائين جو ماڊل تيار ڪر?? جي قدم کي ساراهيو. هن چيو ته ايڇ اي سي، يونيورسٽين ۽ تدريسي اسپتالن کي دماغي صحت جي تعليم ۾ داخلا جي حوصلا افزائي جي لاءِ اضافي سيٽون پيدا ڪر?? گهرجن ته جيئن معاشري ۾ ذهني صحت جي وڌندڙ مسئلن جي ضرورت کي پورو ڪر?? جي لاءِ نفسياتي ماهرن ۽ سائيڪاٽرسٽ تيار ڪري سگهجن. هن چيو ته نيشنل هيلپ لائين جي انتظاميا آخري سال جي شاگردن کي نفسياتي شعبن ۾ ڇهن مهينن جي انٽرنشپ جي لاءِ شامل ڪر?? تي پڻ غور ڪري سگهي ٿي ته جيئن هيلپ لائين جو استعمال ڪندڙ مريضن کي مشاورت فراهم ڪري سگهجي. صدر گلگت بلتستان جي ڪجهه علائقن ۾ خودڪشي جي بلند شرح جو نوٽيس وٺندي چيو ته ايتري وڌيڪ شرح جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ هڪ جامع مطالعو ڪر?? ۽ ان رجحان کي روڪڻ جي لاءِ اڳ ۾ مشاورت ۽ تدارڪ جو نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان رجحان جو مڪمل طور تي خاتمو ڪري سگهجي. ان موقعي تي صحت جي عالمي اد??ري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پاليٿا گناراٿنا مهيپالا وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي بنيادي، ثانوي ۽ اعليٰ صحت جي ادارن کي ٺوس نظام جو حصو بڻائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته صحت جو عالمي ادارو منصوبي کي شروع ڪر?? جي لاءِ 50 لک رپين جي شروعاتي رقم فراهم ڪندو. صحت جي عالمي اد??ري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته معاشري ۾ ذهني صحت جي بهتري لاءِ هڪ پائيدار پروگرام قائم ڪر?? جي ضرورت آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن قومي سطح جي ذهني صحت جي هيلپ لائين جو ماڊل تيار ڪر?? ۾ صدر جي رهنمائي ۽ ڪميٽي جي ڪوششن تي ٿورا مڃيا.