طورخم – 17 – نومبر (اي پي پي) ڪسٽمز عملدارن بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طورخم تي ڊالرز جي اسمگلنگ جي خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 2 مسافرن ??ان 40 هزار ڊالر برآمد ڪري ورتا. ڪسٽمز عملدارن موجب سرحد جي ذريعي غيرملڪي ڪ??نس?? اسمگلنگ جي اطلاع تي بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طورخم تي گاڏين، بيگن جي چيڪنگ يقيني بڻائي پئي وڃي. گذريل 5 ڏ??نه?? دوران ٻن مسافرن ??ان وڏي مقدار ۾ غيرملڪي ڪ??نس?? برآمد ڪئي وئي. 12 نومبر تي ڪسٽمز جي عملي اظهر اڪبر ولد گل تاج خان (پاڪستاني) پاسپورٽ نمبر WM1334701 کي پڪڙي تلاشي ورتي، ان شخص جي قبضي مان 2 عدد پ??اسٽڪ بيگ برآمد ڪيا ويا جن ۾ 10، 10 هزار ڊالر جي غيرملڪي ڪ??نس?? موجود هئي. 17 نومبر تي ڪسٽمز عملي اقدس ريال دختر گل محمد (افغاني) پاسپورٽ نمبر PO0149377 کي پڪڙي تلاشي ورتي ۽ ان جي ڪلهي تي لڙڪيل بيگ مان 20 هزار ڊالر جي غيرملڪي ڪ??نس?? برآمد ڪري ورتي. ان ٻنهي جوابدارن جي خلاف ڪسٽمز ايڪٽ 1969ع تحت وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته غيرملڪي ڪ??نس?? خاص طور تي ڊالرز جي اسمگلنگ سان مڪ ۾ ڊالرز جي کوٽ ٿئي ٿي جنهن سان نه رڳو ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو دٻاءُ جو شڪار ٿئي ٿو پر قومي معيشت پڻ متاثر ٿئي ٿي.