اسلام آباد– 10 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن وا??ي مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ايراني صدر ج?? افغانستان بابت خصوصي نمائندي حسن ڪاظمي غومي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ مملڪتي وزير پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي ان ??الهه تي زور ڏنو آهي ته گهرا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ يڪجهتي جي مضبوط رشن جو بنياد آهن. هن افغانستان ??ي درپيش ڪيترن ئي ڏکين چئلينجن جو ذڪر ڪند?? افغان عوام جي مسلسل ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عبور?? افغان حڪومت سان عالمي برادري جي مستقل شموليت جي اهميت کي ورجايو. مملڪتي وزير افغانستان جو دوست ۽ پاڙيسري هجڻ ناطي ان مقصد جي لاءِ پاڪستان ۽ ايران جي اهم ڪردار جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. ان ??ان اڳ ايراني خصوصي نمائندي پنهنجي پاڪستاني هم منصب وزيراعظم جي خصوصي معاون محمد صادق سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ ترقي جي گڏيل مضبوط هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.